
اِسٽمڪ
معدو، شڪم، ڍڍ، اوجھري، اِشتھا، بک، گجي
معدو- اوجھري- پيٽ
Stomach
اِسٽَ.مڪ
معدو. ھاضمي جي سرشتي جو ھڪ ڍانڍو، ڳوٿريءَ جھڙو عضوو، جيڪو پيٽ جي کاٻي پاسي تي پيٽ ڇھه (diaphragm) ھيٺان ٿئي ٿو. معدي ۾ کاڌو لڪيءَ (oesophagus) مان داخل ٿي ڊيوڊينم (duodenum) ۾ ھليو وڃي ٿو. کاڌي کي ڏسڻ، ان جي بوءِ اچڻ ۽ معدي ۾ داخل ٿيڻ سان معدي جي استر مان معدي جون رسون (gastric secretion) متحرڪ ٿي خارج ٿين ٿيون. معدي جي رسن ۾ پيپسن (pepsin) نالي ھڪ انزائيم(enzyme) ٿئي ٿي جنھن جو ڪم پروٽين کي ٽوڙڻ ٿئي ٿو، ھيڊروڪلورڪ تيزاب جيڪو بئڪٽيريا ناس ڪري ٿو ۽ پيپسن جي موثر ٿيڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ پي ايڇ (pH) پيدا ڪري ٿو ۽ انٽرنسڪ فيڪٽر (intrinsic factor) جيڪو ننڍي آنڊي ۾ وٽامن بي12 جي جذب ٿيڻ لاءِ ضروري ٿئي ٿو. معدي جو استر لعاب به پيدا ڪري ٿو ته جيئن پاڻکي ھضم ڪري نه سگهي. معدي جون مشڪائيون ڀتيون تال ۾ ڪوئجي کاڌي ۽ معدي جي رسن کي ولوڙي ھضم ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اڌوگابرو ھضم ٿيل کاڌو باقاعدي وقفن سان گوھن جي صورت ۾ معدي جي ڀيڪوڙجڻ ۽ ڍلي ٿيڻ سان ان جي مشڪائين ڇلي مان ڊيوڊينم ۾ ھليو وڃي ٿو.
Related words with: Stomach
بنگال
اسم خاص. برعظيم هندستان جي هڪ ڀاڱي جو نالو جو هن وقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، هڪ حصو مشرقي پاڪستان ۾ داخل آهي ۽ ٻيو ’مغربي بنگال‘ جو ڀارت ۾ شمار آهي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal