SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Sterilization, female

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sterəlaizeiʃən
  • fiːmeil
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Sterilization, female

اسٽي.ر.ي.لاءِ.زي.شن ـ في.ميل

عام طور تي حمل روڪ (contraception) جو ھڪ دائمي طريقو جنھن ۾ فيلوپين نليون بند ڪري ڇڏجن ٿيون ته جيئن تخمي جيو آني تائين رسي نه سگهن. عام طور تي عورتن کي لئپئرواسڪوپيءَ رستي سنڍ ڪجي ٿو جنھن لاءِ پيٽ ۾ ٻه چير ڏجن ٿا. ورلي ان لاءِ مِني لئپيريڪٽوميءَ ڪجي ٿي. جنھن لاءِ نھائين واري ھنڌ تي ھڪ ھلڪو چير ڏئي پوءِ ڪلپن رستي فيلوپين نليون بند ڪري يا ڪٽي ٻڌي ڇڏجن ٿيون. ان جي نعم البدل طور ھسٽيرواسڪوپ رستي ھر فيلوپين نليءَ ۾ ھڪ ننڍڙو اِمپلانٽ وجهي ڇڏجي ٿو. امپلانٽ سبب ھڪ اسڪار (scar) ٽشو پيدا ٿي نلين کي ٻنجي ڇڏي ٿو. ھن آپريشن جي فيل ٿيڻ جي گهٽ ۾ گهٽ شرح ٿئي ٿي. ورلي، مائڪروسرجريءَ (microsurgery) رستي وري ويجهه قائم ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

پڙهو ڏيڻ

ڍنڍورو ڏيڻ ، مَنادي ڪرائڻ. اعلان ڪرڻ. ڳالهه پڌري ڪرڻ ، مشهور ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal