
Stem cell
اسٽيم ـ سيل
جسم جو ھڪ اھڙو بنيادي سيل جنھن مان ٻيا ڪيترا مخصوص قسمن جا سيل پيدا ٿين ٿا. ھڏي جي مک يا گودي (bone marrow) مان اسٽيم سيل ھڪ سلسليوار طريقي سان رت جا رسيل سيل پيدا ڪن ٿا. اسٽيم سيل رت ۾ به موجود ٿين ٿا. رت ۽ اِميون سرشتي جي مختلف قسمن جا نقص، اسٽيم سيل جي پيوندڪاريءَ رستي درست ڪري سگهجن ٿا جنھن لاءِ ھڏي جي گودي ۾ موجود غيرمعمولي/ ناقص اسٽيم سيل صحتمند سيلن سان تبديل ڪجن ٿا. اھو ھڏي جي گودي جي پيوندڪاريءَ جو بلڪل ساڳيو طريقو ٿئي ٿو (ٻئي اصطلاح ھڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ڪجن ٿا) جڏھن ته ٻنھي طريقن ۾ مکيو فرق اھو ٿئي ٿو ته اسٽيم سيل جي پيوندڪاريءَ لاءِ صحتمند اسٽيم سيل رت مان حاصل ڪجن ٿا جڏھن ھڏي جي گودي جي پيوندڪاريءَ لاءِ اھي ھڏي جي گودي مان حاصل ڪجن ٿا.
پت پاڙڻ
انجام پاڙڻ ، وفاداري ڪرڻ. اعتماد يا ڀروسو قائم رکڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal