SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Spinal injury

(click word to listen sound
  • 🔊
  • spainl
  • indʒəriː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Spinal injury

اِس.پاءِ.نل ـ انجري

عام طور تي ڪرنگهي (spine) جو ۽ ورلي مغزي ڏوريءَ (spinal cord) جو ڇيھو. ڪنڊي کي گهڻو عام ڇيھو ڪنھن اوچائيءَ تان ڪرڻ يا روڊ جي حادثي سبب پھچي ٿو. عام طور تي ڪرنگهي جي ريڙھين (vertebrae) ۽ انھن جي ٻنڌين (ligaments) کي ڇيھي رسڻ سبب متاثر ھنڌ تي شديد سور ۽ سوڄ ٿي پوي ٿي. مغزي ڏوريءَ کي ڇيھي رسڻ سبب پيرالِسز ٿي پوي ٿي يا ڌڪ کان ھيٺين ھنڌ جي حس ختم ٿي وڃي ٿي. ڪرنگهي جي ايڪسري رستي پھتل ضرب جو اندازو ڪجي ٿو. جيڪڏھن ھڏا نڪري پون ٿا ته آپريشن رستي انھن کي ويھارڻو پوي ٿو. جيڪڏھن ڏوريءَ تي دٻاءُ پوندڙ ھجي ٿو ته ان لاءِ آپريشن ڪري اھو ختم ڪرڻو پوي ٿي. جڏھن ته تنتن کي پھتل ڇيھي جي حالت ۾ ڪجهه به ڪري نٿو سگهجي. فزيوٿراپيءَ رستي، اڌ رنگي سبب سنڌن کي سڪڻ ۽ مشڪن کي ڀيڪوڙجڻ کان بچائي سگهجي ٿو


Remember Me Also:

سنت وٺڻ

شَهَپرن جا وار پاڪِي سان يا ڪَينچيءَ سان ڪَترڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal