SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Speech disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • spiːtʃ
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Speech disorders

اِسپيچ ـ ڊسئارڊر

ڳالهائڻ جا اھڙا نقص يا خلل جن سبب اثرائتي طريقي سان رابطو ٿي نٿو سگهي. دماغ ۾ ٻوليءَ جي مرڪزن کي ڇيھو رسڻ (عام طور تي مٿي جي ڌڪ يا دماغي ڳوڙھيءَ ڪري) سبب اَفيسيا (aphasia) ٿي ڳالهائڻ متاثر ڪري وجهي ٿي. ڳالهائڻ جا نقص انھن تنتن/ اعصابن کي ڇيھي رسڻ سبب به پيدا ٿي سگهن ٿا جيڪي گلي، وات يا چپن جي مشڪن سان لاڳاپيل ٿين ٿا جنھن جو ڪارڻ مٿي جو ڌڪ، ملٽِيپل اِسڪليروسس (multiple sclerosis) يا پارڪنسنس (Parkinson’s) بيماري ٿئي ٿي. ان جو ھڪ ڪارڻ وات جي جوڙجڪ جو نقص به ٿي سگهي ٿو جھڙوڪ: چيريل چپ (cleft lip) ۽ چيريل تارون (cleft palate). آواز جي نقصن ۾ شامل ٿين ٿا گهگهائپ، غير مناسب سطح يا وڏو آواز. ڪيترين حالتن ۾ ھڪ اھرو نقص ٿئي ٿو جيڪو آوازي ڏورين کي متاثر ڪري ٺپ ڪري ڇڏيٿو (ڏسو، larynx, disorders of). جڏھن آواز گهڻو وڏو يا گهٽ يا گهڻو ڏاڍيان يا جهڪو ھجي ٿو ته ان جو سبب ڪو ھارمون يا نفسياتي خلل يا ٻڌي نه سگهڻ ٿئي ٿو. ڳالهائڻ جي رواني جي نقصن ۾ ھٻڪ (stuttering) سبب ڳالهائڻ ۾ ھٽڪڻ ۽ لفظ ورجائڻ ٿئي ٿو. ڪنھن ٻار جي دير سان ڳالهائڻ جي ڪارڻن ۾ ٻڌڻ جي سگهه ضايع ٿيڻ (ڏسو، deafness)، تنتي سرشتي جو دير سان اسرڻ، ڄڀ ۽ چپن تي مڪمل ڪنٽرول نه ھجڻ، اسٽيميوليشن جو نه ھجڻ يا جذباتي خلل (ڏسو، developmental delay) ٿي سگهي ٿو. ڳالهائڻ ۾ نقصن ھجڻ جي حالت ۾ ڪيترن فردن جي اسپيچ ٿراپيءَ (speech therapy) رستي مدد ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

ونڊ يار

وَنڊ يارُ

اسم خاص. وَنڊير.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal