
Somatization disorder
سومي.ٽي.زيشن ـ ڊِسئارڊر
ھڪ اھڙي حالت جنھن ۾ ڪو فرد ڪيترن سالن کان مختلف جسماني تڪليف يا مسئلن ھجڻ جي شڪايت ڪندو رھي ٿو جن جو ڪو به جسماني ڪارڻ لهي نٿو سگهجي. اھڙي تڪليف عورتن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي، عام طور تي 30 سالن جي عمر کان اڳ شروع ٿئي ٿي ۽ ڪيترن ڊاڪٽرن پاران مختلف تپاسون ڪرايون وڃن ٿيون. اجائي آپريشن ۽ ٻيا علاج ڪرايا وڃن ٿا. عام طور تي اھا حالت پريشاني (anxiety)، ماندائيءَ (depression)يا ڪن مادن جي ناجائز استعمال سان لاڳاپيل ٿئي ٿي (وڌيڪ ڏسو، conversion disorder; hypochondriasis).