سافٽ پاور
نرم رويو يا هلڪو هٿ
ڪنهن به رياست طرفان سهڪار ۽ موهه ذريعي پنهنجا مقصد ماڻڻ واري رويي کي هن اصطلاح سان واضح ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح پهريون ڀيرو ”جوزف ناءِ“ جي ڪتاب: Bound to Lead the Changing Nature of American Power ۾ استعمال ڪيو ويو. ان تصوير مطابق ثقافتي سرگرمين ، نرم پاليسين ، ادارتي رابطن، تعليمي معيار ۾ بهتري، تيز ترين سفارتڪاري، صنعتي ترقي ۽ ٽئڪنالاجيءَ ۾ بهتريءَ ذريعي، اهي سڀ مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، جيڪي قديم دور ۾ فقط جنگ ذريعي ماڻڻ ممڪن هوندا هئا. ”نرم رويي“ جو اظهار غير سرڪاري تنظيمن شهري امدادي ۽ واپاري حلقن، دانشورن، فنڪارن ۽ فن ذريعي موثر انداز ۾ ٿي سگهي ٿو. هن خاصيت جي حوالي سان جاپان، سويڊن، ناروي ۽ سئٽز رلئنڊ وغيره جي ملڪن کي مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal