
تماڪ ڇڪڻ
Smoking
سِموڪنگ
سگريٽ، ٻيڙيءَ، سگار، پائيپ، حقي رستي تماڪ ڇڪڻ. سگريٽ ڇڪڻ جا خطرناڪ اثر ڦڦڙ جي ڪينسر، برانڪائيٽس (bronchitis)، اِمفيسيما (emphysema)، ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) ۽ پيريفيرل ويسڪيولر ڊزيز (peripheral vascular disease) جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا. تماڪ ڇڪڻ سان وات (mouth) جي ڪينسر، چپ (lip) جي ڪينسر، مثاني (bladder) جي ڪينسر (ڏسو، bladder tumours)، نڙيءَ جي ڪينسر (ڏسو، pharynx, cancer of)، ايسوفيجيئل ڪينسر (ڏسو، oesophagus, cancer of) ۽ ڳھڻ جي ڪينسر (ڏسو، cervix, cancer of) ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا.حمل دوران تماڪ ڇڪڻ انتھائي خطرناڪ ٿئي ٿو. سگريٽ ڇڪيندڙن عورتون جا ابھم ننڍڙا ھجن ٿا ۽ کين زنده رھڻ جا موقعا گهٽ ٿي سگهن ٿا بنسبت انھن مائرن جي جيڪي تماڪ نٿيون ڇڪين. جن ٻارن جا والدين تماڪ ڇڪين ٿا انھن کي دم (asthma) يا ساه سرشتي جي ٻين بيمارين ٿيڻ امڪان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. اھڙا به ثبوت موجود آھن ته پيسِو سموڪر (passive smokers) تماڪ سان لاڳاپيل بيمارين ٿيڻ جي گهڻن خطرن ۽ کنگهه، سھڪي ۽ اکين جي تڪليفن جهڙن اھنجن ۾ مبتلا ٿيندا رھن ٿا. سگريٽ جي دونھين ۾ ڪيترا زھريلا مادا ٿين ٿا. انھن ۾ موجود نڪوٽين (nicotine) مادو تماڪ جي استعمال جي ھير وجهي ٿو. جيتوڻيڪ اھو ھڪ آرام ڏيندڙ طور ڪم ڪري ٿو تنھن ھوندي به اَڊرينيلين (adrenaline) جي پيداوار کي چوڪ ڏئي ٿو جنھن سبب بلڊپريشر وڌي وڃي ٿو. تماڪ ۾ موجود ٽار (tar) ساه سرشتي جي سوزش پيدا ڪري ٿو ۽ ڦڦڙ جي ڪينسر پيدا ڪرڻ جو مکيو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڪاربان مونو آڪسائيڊ ڦڦڙن مان رت جي دوري ۾ شامل ٿي سولائيءَ سان رت جي ھيموگلوبن (haemoglobin) سان ملي ٽشوئن جي آڪسيجن جي رسد ۾ خلل پيدا ڪري ٿي. رت ۾ ھڪ ڊگهي عرصي تائين ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي رھڻ سبب شريانن کي سخت ڪري ڇڏي ٿي ٿو جنھنڪري ڪورونري ٿرامبوسس (coronary thrombosis) جي پيدا ٿيڻ جا امڪان گهڻا وڌي وڃن ٿا.
Related words with: Smoking
اسلام
ذ. [ع. اِسلام = پاڻ سونپڻ. تسليم ڪرڻ، ڪنڌ جهُڪائڻ] دين فطرت. الله تعاليٰ جو حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي معرفت سڄيءَ انسان ذات ڏانهن موڪليل مڪمل دين.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal