
سميل
سنگھڻ، بوءِ، ڌپ، مھڪ
Smell
سِميلِ
پنجن حواسن مان ھڪ سنگهڻ جي حس. نڪ جي لعابي استر جي سيل رسپٽرن مان وارن جھڙا پيدا ٿيندڙ اڀار. اھي جڏھن ڪن ماليڪيولن سبب متحرڪ ٿين ٿا ته آلفيڪٽري تنتن رستي لمبڪ سرشتي (limbic system) جي سنھگڻ جي مرڪز ۽ دماغ جي فرنٽ لوبن ڏانھن پيغام/ امپلس موڪلين ٿا جتي انھن کي سمجهيو وڃي ٿو. سنگهڻ جي حس جي ختم ٿي وڃڻ جي ممڪن ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا ناسن جي لعابي استر جي سوزش جيئن ڪامن ڪولڊ (common cold) جي حالت ۾ ٿئي ٿو، سگريٽ ڇڪڻ، ھاپرٽرافڪ رانائيٽس (hypertrophic rhinitis) جنھن سبب لعابي استر جي سوڄ سنگهڻ جي تنتي ڇيڙن کي جهڪو ڪري ڇڏي ٿي، اٽرافڪ رانائيٽس (atrophic rhinitis) سبب تنتون ڳري وڃن ٿيون، مٿي جي ڌڪ سبب تنتون ٽٽي پون ٿيون يا ميننجِس (meninges) يا نيزوفيرنڪس (nasopharynx) جي ڳوڙھي ٿي پوي ٿي. وھمي، اڻ وڻندڙ بوئيون، مايوسي (depression)، اسڪيزوفرينيا (schizophre)، ڪن قسمن جي مرگهيءَ، الڪوحل ڇڏڻ يا دماغي ڳوڙھيءَ جي نشاني ٿي سگهي ٿي.
Related words with: Smell
کبڙ لکمير
اسم خاص. تعلقي سڪرنڊ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal