
سليپنگ سڪنيس
ننڍ جو مرض،موتمار بيماري،ننڍ موت جي بيماري
Sleeping sickness
سليپنگ ـ سڪنيس
استوائي آفريڪا ۾ ٿيندڙ ھڪ سنگين بيماري جيڪا ھڪ پروٽوزوئن پئراسائيٽ، ٽرائِپنوسوما بروسيئي (Trypanosoma brucei) ڪري انسانن ۾ سيٽسِي مکين (tsetse flies) رستي پکڙجي ٿي. ان بيماريءَ جي ڏکڻ ۽ وسطي آفريڪا ۾ ٿيندڙ قسم سبب بخار جا دورا پون ٿا ۽ ڳنر چڙھي پون ٿا (lymph node enlargement). مھينن يا سالن کانپوءِ دماغ تائين پکڙجي مٿي جو سور، وائڙائپ ۽ آخر ۾ شديد ساڻائي پيدا ڪري وجهي ٿو. علاج نه ڪرائڻ سان سڪتي ۽ موت جو منھن ڏسڻو پوي ٿو. ان جي ھڪ ٻئي، اوڀر آفريڪا ۾ ٿيندڙ قسم سبب ڪجهه ھفتن کانپوءِ بخار ٿي پوي ٿو ۽ بيماريءَ جي دماغ ڏانھن وگهرڻ کان اڳ ان جو دل تي موتمار اثر پيدا ٿي سگهي ٿو. دوائن سان بيماري ڇٽي سگهي ٿي پر جي بيماري اڳ ۾ ئي دماغ ڏانھن پکڙجي ويئي ھجي ته رھيل دماغ به تباه ٿي سگهي ٿو.
پٻلائڻ
فعل متعدي. ناز نخرا ڪرڻ ، انگل آرا ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal