
Sleep apnoea
سليپ ـ اپنيِا
ھڪ اھڙي تڪليف جنھن ۾ ننڊ دوران ساه کڻڻ ۾ عارضي خلل (10 سيڪنڊ يا وڌيڪ) پيدا ٿئي ٿو. انھن ۾ آبسٽرڪٽِو سليپ اپنيا (Obstructive sleep apnoea/OSA) گهڻي عام ٿئي ٿي، گهڻي ڀاڱي وچولي عمر جي مردن خاص طور تي گهڻي وزن وارن کي متاثر ڪري ٿي. جنھن جو گهڻو عام ڪارڻ، سافٽ تارونءَ (palate) جي مشڪن جو حد کان وڌيڪ رليڪس ھجڻ سبب ھوا جي لنگهه ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. اھڙي روڪ وڌي ويل ڪلين (tonsils) يا ايڊينوائڊس (adenoids) ڪري به ٿي سگهي ٿي. روڪ سبب کونگهرا ھڻجن ٿا. جيڪڏھن مڪمل طور تي ٻنج پيدا ٿي پوي ته ساه جو عمل بند ٿي وڃي ٿو. جنھن جي چوڪ سبب دماغ وري ساه کڻڻ شروع ڪري ٿو، ان سبب اھڙو فرد سھڪڻ ۽ مختصر وقت لاءِ جاڳي پوي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته او ايس اي وارا فرد رات جو پيدا ٿيندڙ اھڙي مسئلي کان اڻ ڄاڻ ھجن. ڏينھن دوران نينڊي، يادگيرو اڻپورو ۽ ڌيان ڌري نه سگهندڙ ھجن. ساڻائپ سبب سدائين ڪنھن نه ڪنھن حادثي ٿيڻ جي خطري ۾ رھن ٿا. او ايس اي سبب ھائپرٽينشن (hypertension)، مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction) يا فالج (stroke) ٿيڻ جو خطرو به وڌي سگهي ٿو.جيڪي فرد گهڻا وزني ٿن ٿا تن کي وزن گهٽائڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو. الڪوحل ۽ ننڊ ڪرائيندڙ دوائون او ايس اي جو مسئلو وڌائي سگهن ٿيون. ان حالت جو لاڳيتو پازيٽو ايئرويز پريشر (Continuous Positive Airways Pressure /CPAP) رستي علاج ڪري سگهجي ٿو جنھن لاءِ عام رواجي حالتن جي اٻتڙ ماسڪ/ مکوٽي رستي وڏي دٻاءَ سان ساه کڻڻو پوي ٿو. ٽانسليڪٽومي (tonsillectomy)، ايڊينوائڊيڪٽومي (adenoidectomy) يا آپريشن رستي سافٽ تارونءَ کي ننڍڙو يا سخت ڪري سگهجي ٿو. سينٽرل سليپ اپنيا (Central Sleep Apnoea/CSA) جي حالت ۾ ساه بند ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، ڇاتي ۽ پيٽ ڇھه (diaphragm) جون مشڪون عارضي طور تي ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏين ٿيون. جنھن جو عام ڪارڻ تنتي سرشتي ۾ خلل پيدا ٿيڻ ٿئي ٿو جيڪو ساه کڻڻ جي ڪم تي ضابطو رکي ٿو جيڪو مختلف سبب ڪري پيدا ٿي سگهي ٿو جھڙوڪ: برين اسٽيم (brainstem) جو نقص يا اِنسيفيلائيٽس (encephalitis). سي ايس اي انھن فردن ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿي جن کي اعصابي ـ مشڪي (neuromuscular) جا نقص يا ھرٽ فيلؤر (heart failure) ھجي ٿي. سي ايس اي جي علاج جو مدار اصلي ڪارڻ تي ٿئي ٿو.
ڇاندو پاڻي ڪڍڻ
خرچي ڪڍڻ ، رشوت وٺڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal