SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Sleep

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • sliːp

From the Dictionary of Haematology:

Sleep

سليپ

ننڍ، آرام، خمار


ٻارن جي لغت مان

Sleep

گرامر noun

- اسم

نِنڊَ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Sleep

سِليپ

قدرتي طور تي ذھن ۽ جسم کي نيمائتو آرام ڏيڻ جنھن لاءِ عام طور تي اکيون بند رھن ٿيون ۽ ھوش مڪمل يا جزوي طور تي نٿو رھي جنھن سبب جسماني چرپر ۽ ٻاھرين محرڪن/ اسٽيميولي جي موٽ ڏيڻ گهٽجي وڃي ٿي. ننڊ دوران انسانن جو دماغ ھڪ مخصوص دماغي سرگرميءَ مان گذري ٿو جنھن ۾ وقفي وقفي سان خواب به ڏسجن ٿا. ننڊ جا ٻه قسم ٿين ٿا: ريم (REM، ريپڊ آءِ موومينٽ) ۽ اين ريم (NREM، نانِ ريپڊ آءِ موومينٽ) جيڪي ھڪٻئي پٺيان ٿيندا رھن ٿا. نيم ننڊ جا چار مرحلا ٿين ٿا جيڪي آھستي آھستي گهڻيءَ گهرائي وارا ٿيندا وڃن ٿا ته دماغ جي سرگرمي گهٽبي وڃي ٿي، ريم ننڊ ۾ اکيون تيزيءَ سان چرپر ڪن ٿيون ۽ دماغ وڌيڪ چستيءَ سان ڪم ڪري ٿو، گهڻا خواب ريم ننڊ ۾ پسجن ٿا. ننڊ جي نقصن ۾ شامل ٿين ٿا بيخوابي (insomnia)، جاڳ واري حالت ۾ رھڻ ۾ تڪليف (ڏسو، narcolepsy)، جيٽ ليگ (jet-lag)، بستري ۾ پيشاب ڪرڻ، راتين جو ھراسجڻ (night terrors)، ننڊ ۾ گهمڻ (sleepwalking) جھڙيون ڳالهيون ننڊ ۾ خلل وجهندڙ ٿين ٿيون (وڌيڪ ڏسو، sleep apnoea).


Related words with: Sleep


.


Other Phrases of Sleep used in Daily life:

.


Sleep is also used in:

Remember Me Also:

ڀوارو، ڀوارئون

ذ. صفت. ڀؤوارو ، ڀيانڪ ، خوفناڪ ، هيبتناڪ. ث ڀَواري، ڀَنواري ”ڀنيءَ ٿيين ڀوارئون، ٻيا ونگا وَرَ سنداءِ“ شاهه؛ ”جتي ڀير ڀرن، ڀريون پُونِ ڀَواريون“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal