
Skin graft
اسڪن ـ گرافٽ
ھي طريقو استعمال ڪندي انھن حصن جي ٺاه ٺوه ڪجي ٿي جتان چمڙي تباه يا ضايع ٿي وڃي ٿي ۽ اھي قدرتي طور تي ڇٽي سگهڻ کان گهڻا وڏا ٿين ٿا، ڇٽڻ ۾ ھڪ ڊگهو وقت وٺندڙ ٿين ٿا يا اھي ڇٽڻ کانپوءِ ڳت پيدا ڪن ٿا يا نظر نه ايندڙ نشان پيدا ڪن ٿا. عام طور تي اسڪن گرافٽ جو طريقو سڙي پيل ھنڌ جي علاج لاءِ يا ورلي نه ڇٽندڙ السرن لاءِ استعمال ڪجي ٿو. ان لاءِ جسم جي ھڪ حصي جي چمڙيءَ جو صحتمند ٽڪرو الڳ ڪري متاثر ھنڌ تي پيوند ڪجي ٿو. پيوند واري ٽڪري مان چمڙيءَ جا نوان سيل پيدا ٿي متاثر ھنڌ کي ڀري ڇڏين ٿا. ميشڊ گرافٽ (meshed graft) واري طريقي ۾ عطيي ڏيندڙ جي چمڙي لاھي ڪٽي ڄاريءَ ۾ تبديل ڪجي ٿي. ڄاريءَ کي پکيڙي عطيي وٺندڙ جي متاثر ھنڌ تي ٿانيڪي ڪجي ٿي، نوان سيل واڌ ڪري ڄاريءَ واريون وٿيون ڀري ڇڏين ٿا. پنچ ڪرافٽ (pinch graft) واري طريقي ۾ چمڙيءَ جي ڪيترن ننڍڙن حصن تي چھنڊڙيون ھڻي عطيي ڏيندڙ جي چمڙيءَ جون چمڙيءَ جون ٽڪريون ڪٽي عطيي وٺندڙ متاثر ھنڌ تي پيوند ڪجن ٿيون ته اھي آھستي آھستي وڌي ھڪ نئين صحتمند چمڙيءَ جي شيٽ پيدا ڪري وجهن ٿيون (وڌيڪ ڏسو، skin flap).
سر تاپا
ظرف. مٿي کان پيرن تائين ، ننهن کان چوٽي تائين ، اول کان آخر تائين.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal