SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Sickle cell anaemia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sikl
  • sel
  • əniːmiə
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Sickle cell anaemia

سِڪل سيل ـ انِي.ميا

رت جي ھڪ موروثي بيماري جنھن ۾ رت جي ڳاڙھن سيلن ۾ موجود ھيموگلوبن ايس (haemoglobin S) نالي موجود ٿئي ٿي جيڪا ھڪ ناقص ھيموگلوبن ٿئي ٿي. اھا رت واھڻن (capillaries) ۾ نھري ٿي رت جي ڳاڙھن سيلن کي ڏاٽي جھڙو (sickle- shaped) ۽ ٽاڪڻو ڪري ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا (haemolytic anaemia) ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي جنھن سبب اھڙا غيرمعمولي سيل، سنھڙن رت واھڻن مان سولائيءَ سان لنگهي نٿا سگهن. نتيجي ۾ وقت به وقت عضون کي رت جي رسد ۾ خلل پوي ٿو ۽ سڪل سيل جھڙي سنگين حالت پيدا ٿي پوي ٿي. عام طور تي بيماري انھن فردن کي متاثر ڪري ٿي جن جو خانداني بنياد آفريڪن يا آفرو ـ ڪيريبين ھجي ٿو. عام طور تي سڪل سيل اَنيمِيا جون تڪليفون/ نشانيون 6 مھينن جي عمر کانپوءِ پيدا ٿين ٿيون، جن جي عام طور تي شروعات ھٿن پيرن جي پيڙاڪن سوڄ سان ٿئي ٿي. پراڻي ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا ھجي ته ٿڪ، مٿي جو سور، سخت ڪم ڪرڻ سان ساه جي مونجهه، جسم پيلو ٿي وڃڻ ۽ يرقان (jaundice) ٿي پوي ٿو. سڪل سيل جي سنگين حالت اوچتي پيدا ٿئي ٿي ته ورلي ڪنھن انفيڪشن، ٿڌيءَ موسم يا سوڪھڙي (dehydration) سب به پيدا ٿي پوي ٿي ته ڪنھن به ڪارڻ بنا به پيدا ٿي سگهي ٿي. متاثر فرد سور محسوس ڪري سگهي ٿو (خاص طور تي ھڏن ۾)، پيشاب ۾ رت اچي سگهيس ٿي (گردن جي نقصان سبب) يا ڦڦڙ يا آنڊن جي تباه ٿيڻ سبب. جيڪڏھن دماغ متاثر ٿي پوي ته ڳڍڙيون (seizures)، فالج (stroke) يا بيھوشي به ٿي سگهي ٿي. ڪن متاثرٻارن جي تري وڌي وڃي ٿي ۽ ڳاڙھن سيلن کي خاص طور تي وڏيءَ شرح سان متاثرڪري، اَنيمِيا جي ھڪ موتمار قسم ۾ مٽجي وڃي ٿي. عام طور تي بالغ ٿيڻ کانپوءِتري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿي جنھن سبب متاثر فردن ۾ انفيڪشن ٿيڻ جا خطرا وڌائي ڇڏي ٿي. تشخيص لاءِ رت جي چڪاس ۽ اليڪٽروفوريسس (electrophoresis) ڪجي ٿي. ابھمن جي ڄمڻ کان ترت پوءِ ھن بيماريءَ جي چڪاس ڪري سگهجي ٿي (ڏسو، blood spot screening tests). سھائتا طور علاج ۾ فولڪ ايسڊ (folic acid) جا واڌو وزن ۽ پينسيلين (penicillin) ۽ انفيڪشن کان بچاءَ لاءِ اِميونائيزيشن ڪرائجي ٿي. موتمار حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊرپ (intravenous infusions)، اينٽيبياٽڪ، آڪسيجن ٿراپي (oxygen therapy) ۽ انلجيسڪ (analgesic) دوائن رستي علاج ڪجي ٿو. جيڪڏھن پوءِ به ڦڪيون فرق نه ڪن ته رت ھڻائڻ (blood transfusion) کي ترجيح ڏجي ٿي. ايئن عام طور تي انھن فردن لاءِ ڪجي ٿو جيڪي ھر ھر سنگين حالتن کي منھن ڏيندڙ ٿين ٿا. ڪن حالتن ۾ ھڏي جي مک جي روت (bone marrow transplant) جي به مکياري ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

نيرن

نيرَنَ جمع نيرَنون

ث . (سن. نهاري) صبح جي ماني، نيراني، ناشتو، نيرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal