
Short stature
شارٽ ـ اسٽيچر
جڏھن ڪو فرد پنھنجيءَ عمر جي لحاظ کان عام رواجي قد کان گهڻو ننڍو ھجي. عام طور تي ٻارڙن ۾ ننڍي قدبت ھجڻ جو ڪارڻ موروثي يا ھڏن جي آھستي ٿيندڙ واڌ ٿئي ٿو. اھڙين گهڻين حالتن ۾ آخرڪار تيز ٿي عام رواجي بالغن جي قد جيتري ٿي وڃي ٿي. ان جو گهڻو عام سبب ڪنھن مخصوص نقص سبب ٿئي ٿو جھڙوڪ: ھڏي جي بيماري (جھڙوڪ: ھڏڙِي rickets جو علاج نه ڪرائڻ يا اَڪونڊروپلاسيا achondroplasia) يا ڪي ھارموني نقص جھڙوڪ: گروٿ ھارمونن جي کوٽ ۽ ھائپوٿائروائڊزم (hypothyroidism). جذباتي محرومي، کاڌي جي گنڀير پوڻائي ۽ غذائي ناقص جذبيت (malabsorption) به واڌ ۾ رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي. ڪن قسمن جا ڪروموسومن جا نقص بندرائپ جو ڪارڻ ٿين ٿا، بندرائپ ڊائونس سنڊروم (Down’s syndrome) ۾ به ٿي پوي ٿي ته ٽرنرس سنڊروم (Turner’s syndrome) ۾ بلوغت سبب ٿيندڙ واڌ ٿي نٿي سگهي. ٻارڙن ۾ واڌ نه ڪرڻ جا ٻيا ڪارڻ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroids) ۽ ڪينسري دوائن جو ڊگهو استعمال ٿئي ٿو. ساه سرشتي جون ڪيتريون علاج نه ڪرايل ۽ پيدائشي دل جي بيماري به ننڍو ھڏڪاٺ پيدا ڪري سگهن ٿيون. ڪنھن متاثر ٻار جي واڌ جي لاڳيتو تڪ تور سندس باقاعدگيءَ سان قد ماپڻ رستي ڪبي رھجي ٿي. ايڪسري (X-rays) ۽ رت تپاسڻ (blood tests) سان اصلي ڪارڻ جي ڄاڻ رکي علاج ڪري سگهجي ٿو. گروٿ ھارمون جي کوٽ ھجي ته ان رستي ٽرنرس سنڊروم سبب ننڍي قد بت جو به علاج ڪري سگهجي ٿو (وڌيڪ ڏسو، growth, childhood).
منهن پاڻي ورائڻ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal