
Sex chromosome
سيڪس ـ ڪروموسوم
جنسي ڪروموسوم جيڪي ڪنھن جاندار جي سيڪس ۽ سيڪس سان لاڳپيل خاصيتن جو فيصلو ڪن ٿا. گهڻن ٿڻائتن جانور جن ۾ انسان به شامل ٿين ٿا انھن جي ڊپلوائڊ سيلن ۾ سيڪس ڪروموسومن جي ھڪ جوڙي مادين ۾ xx ۽ نرن ۾ xy جي صورت ۾ موجود ٿئي ٿي. ڪروموسومن جي ھڪ اھڙي جوڙي جيڪا ڪنھن فرد جي جنس/ صنف جو فيصلو ڪري ٿي. انسانن جي سڀني سيلن (سواءِ عورت جي آني ۽ مرد جي تخمي جيو) ۾ سيڪس ڪروموسومن جي ھڪ جوڙي سان گڏ ڪروموسومن جا 22 جوڙا به ٿين ٿا جن کي آٽوسومَ (autosomes) سڏجي ٿو. عورتن ۾ ھڪ جهڙن سيڪس ڪروموسومن جي جوڙي ٿئي ٿي جن کي ايڪس (x) ڪروموسومَ سڏجي ٿو. جڏھن ته مردن ۾ ھڪ ايڪس (x) ۽ ھڪ واءِ (y) ڪروموسوم ٿئي ٿو. واءِ ڪروموسوم تي موجود جينون (genes) رڳو جنس/ صنف جو فيصلو ڪن ٿيون يعني ته انھن جي موجودگي مرد/نر ھجڻ ۽ نه ھجڻ عورت/ ناري ھجڻ جو فيصلو ڪن ٿيون. ايڪس ڪروموسوم ۾ موجود جينون جسم جي عام اوسر ۽ ڪم لاءِ انتھائي اھم ٿين ٿيون.
ملباري
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal