SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Serum/blood serum

(click word to listen sound
  • 🔊
  • siərəm
  • blʌd
  • siərəm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Serum/blood serum

سي.رم/ بلڊسيرم

ڪنھن جانور يا ٻوٽي جي نھرن عنصرن کي الڳ ڪرڻ کانپوءِ باقي رھجي ويل صاف پاڻيٺ. جڏھن ته عام طور تي بلڊ سيرم مان مراد ان صاف، ڀوسي رنگي پاڻيٺي حصي جي ٿئي ٿي جنھن ۾ فائبرينوجن يا رت جا سيل موجود نٿا ٿين ۽ رت جي دڳجڻ کانپوءِ به پاڻيٺي رھي ٿي. جن فردن يا جانورن جي جسمن ۾ اينٽيباڊيون پيدا ٿيل ھجن ٿيون انھن کي اينٽيسيرم (antiserum) يا اِميون سيرم (immune serum) سڏجي ٿو. اھڙي ڪنھن اينٽيسيرم ھڻائڻ سان ان بيماريءَ خلاف عارضي يا پيسو اِميونٽي پيدا ٿئي ٿي جيڪا تڏھن ھڻائڻي پوي ٿي جڏھن اھڙو فرد اڳ ۾ ئي ان بيماريءَ ۾ متاثر ٿيل ھجي يا ٿيو ھجي. جن بيمارين لاءِ ورلي پيسِو اِميونائيزيشن ڪجي ٿي انھن ۾ خناق (diptheria)، ڪُزَاز (tetanus)، بوٽلزم (botulism) ۽ گئس گينگرين (gas gangrene) شامل ٿين ٿيون.


Remember Me Also:

فتح مند

ذ. صفت. ع. فَتَح + ف. مَند = وارو فتح وارو ، سوڀارو ، جيتيندڙ فتح يات < يافتن = لَهَڻُ جئڪاري ، منصور، مُظفر ، کٽيندڙ، فَتَح ڪندرڙ ، ڪامياب ، سوڀارو ، کٽڻهارُ ، کٽياتُ ، فَتَح مند.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal