
Serotonin agonists
سيروٽونن ـ ايگَ.نِسٽ
دوائن جو ھڪ گروپ جن کي 5HT1 نالي سان به سڏجي اڌ مٿي جي شديد سور (migraine) جي حملي جي علاج لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مغز جي ساڳين رسپٽرن تي اثر ڪن ٿا جيئن 5HT1/ 5-hydroxytryptamine (سيروٽونن به سڏجن) ڪو نيوروٽرانسمِٽر (neurotransmitter) ۽ ويسوڊائليٽر (vasodilator) ڪم ڪري ٿو. عام سيروٽونن ايگنسٽن ۾ شامل ٿين ٿا نيراٽرپٽان (naratriptan) ۽ سماٽريپٽن (sumatriptan). اھي دوائون خاص طور تي دل جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ ڇاتيءَ جو سور پيدا ڪري سگهن ٿيون. تنھنڪري جيڪي فرد ڪورونري آرٽيري ڊزيز ۾ مبتلا ٿيڻ جي خطري ۾ رھن ٿا تن کي احتياط سان استعمال ڪرائڻ گهرجي. دوا جي ٻين اُگرن اثرن ۾ شامل ٿين ٿا منھن جو ڳاڙھو ٿي وڃڻ، چڀ چڀ محسوس ڪرڻ ۽ اوڪارا.
رند
اسم خاص. بلوچن جي هڪ وڏي قبيلي جو نالو. ڪوٽ ڏيجي ۽ اُٻاوڙي تعلقي ۾ ديهه جو نالو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal