SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Septicaemia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • septicaemia
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

Septicaemia

رت جي خرابي- روڳي خون- رت ۾ زهر چڙهڻ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Septicaemia

سيپ.ٽي.سي.ميا

روڳي خون. رت ۾ پونءِ پيدا ڪندڙ بئڪٽيريا موجود ھجڻ زندگيءَ لاءِ ھڪ انتھائي خطرناڪ حالت ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته رت ۾ بئڪٽيريائي زھر (toxins) موجود ٿين ٿا (وڌيڪ ڏسو، bacteraemia). عام طور تي سيپٽِيسِيميا ڪنھن ڳڙه (abscess) مان بئڪٽيريا جي خارج ٿي وڃڻ سان پيدا ٿئي ٿي. گهڻو ممڪن ٿئي ٿو ته اھا حالت انھن فردن ۾ پيدا ٿي پوي جن کي اِميونوڊيفيشنسي (immunodeficiency) جا نقص، ڪينسر (cancer) يا ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ھجي ٿي، اِميونوسپريسنٽ (immunosuppressant) دوائون استعمال ڪن ٿا ۽ نشي پتي لاءِ دوائون انجيڪٽ ڪن ٿا. ان جي تڪليف ۾ بخار، ڏڪڻي، ساه جي تيزي، مٿي جو سور ۽ شعور جا ڌنڌليل رھن ٿا. ھڪ ئي وقت ٻه يا وڌيڪ عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته متاثر فرد موتمار سيپٽڪ شاڪ (septic shock) ۾ ھليو وڃي. گلوڪوس/ سيلائين، نس رستي ڏني وڃي ٿي ۽ اينٽيبياٽڪس انجيڪشن يا ڊرپ رستي. اصلي انفيڪشن کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿي. جيڪڏھن سيپٽڪ شاڪ پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ علاج ڪجي ته سٺي اميد پيدا ٿي سگهي ٿي.


Related words with: Septicaemia


Remember Me Also:

گل ڪلهوڙو

اسم خاص. تعلقي ميروخان ۾ هڪ ديهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal