SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Septal defect

(click word to listen sound
  • 🔊
  • septal
  • difektklɑːsiz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Septal defect

سيپ.ٽل ـ ڊِ.فيڪٽ

دل جو ھڪ پيدائشي نقص جنھن ۾ دل جي کاٻي ۽ ساڄي وينٽريڪلن جي سيپٽم/پرديءَ ۾ ھڪ سوراخ ٿئي ٿو يا ورلي کاٻي ۽ ساڄي اٽريا جي وچ ۾. عام طور تي ان جي ڪارڻ جي ڄاڻ نٿي ھجي. سوراخ سبب تازي آڪسيجڻيل رت اڻ آڪسيجڻيل رت سان دل ۾ مڪس ٿيندي رھي ٿي. سيپٽم جو ننڍڙو نقص ھجي ته ان جو اثر پيدا نٿو ٿئي يا گهٽ اثر پيدا ٿئي ٿو. وينٽريڪل جو وڏو سوراخ ھجي ته ڄمڻ جي 6 ـ 8 ھفتن کانپوءِ دل فيل ٿي سگهي ٿي، ساه جي مونجهه ۽ کير پيئڻ جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ايٽريا جي ڪنھن وڏي نقص سبب دل ڪڏھن به فيل ٿي نٿي سگهي پر سخت ڪم ڪرڻ سان ساڻائي ٿي سگهي ٿي. ٻنھي قسمن ۾، پلمونري ھائپرٽينشن (pulmonary hypertension) پيدا ٿي سگهي ٿو.


.


Other Phrases of Septal defect used in Daily life:

Remember Me Also:

ٻليار

اسم خاص. سنڌوندي جي اڳئين وهڪري جي هڪ شاخ جنهن ۾ ٻيا ڍورا ۽ واهڙ به اچي ڇوڙ ڪندا هئا ”جڏهن ڍاڳِي ڍور، ٻئي وهن ٻَليار ۾“ شاهه ڏهر. اُها جاءِ جتي ٻه درياء يا واهڙ اچي گڏجن ، دوآبه. دواَبه واري ڀلي ۽ زور واري زمين.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal