SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Selective serotonin reuptake inhibitors

(click word to listen sound
  • 🔊
  • selective
  • serotonin
  • reuptake
  • inhibitors
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Selective serotonin reuptake inhibitors

SSRIs

(سليڪٽو ـ سِيروٽونن ـ ريئَپٽيڪ ـ انھبٽرس) دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جن رستي عام طور تي مايوسي (depression) جو علاج ڪجي ٿو جڏھن ته انھن مان ڪيتريون آبسيسِو ڪَمپلسِو ڊسئارڊر (obsessive compulsive disorder)۽ پَينِڪ ڊسئارڊر (panic disorder) لاءِ به ڪتب آڻجن ٿيون. انھن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو، دماغ مان خارج ٿيڻ کانپوءِ نيوروٽرانسمٽر سيروٽونن جي وري جذب ٿيڻ کي بند ڪري ڇڏڻ ٿئي ٿو. جڏھن ته سيروٽونن جي وڌيل سطح بھتر موڊ سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. ھن گروپ جي عام دوائن ۾ شامل ٿين ٿيون فلوآڪسيٽين (fluoxetine) ۽ سرٽرالين (sertraline). عام طور تي ايس ايس آر آءِ ايس روزانو ھڪ ڀيرو کائجن ٿيون. ممڪن ٿئي ٿو ته واضح تڪليفن جي حالت ۾ انھن کي اثرائتي ثابت ٿيڻ ۾ 1 کان 3 ھفتا لڳي سگهن ٿا. عام طور تي ايس ايس آر آءِ ايس جا ٻين اينٽي ڊپريسنٽ دوائن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه اگرا اثر پيدا ٿين ٿا. جڏھن ته دست، بي آرامي ۽ پريشاني پيدا ڪري سگهن ٿيون. ڪيتريون ايس ايس آر آءِ ايس 18 سالن کان گهٽ عمر وارن جي ڊپريشن جي علاج لاءِ استعمال نٿيون ڪجن.


Remember Me Also:

پڇ پاڻي

ذ. رٻ پاڻي. سادو کاڌو ، غريباڻو کاڌو. پاڻيءَ جهڙو ڀَتُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal