سيڪريٽري جنرل
سيڪريٽري جنرل
عالمي سطح تي ڪنهن به وڏي تنظيم يا اداري جي قيام کان پوءِ ان ۾ شعبه بندي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ڏس ۾ صحت، تعليم ۽ سيڪيورٽي سميت ڪيترا ئي شعبا جوڙيا وڃن ٿا، جن جي وچ ۾ رابطي ۽ رٿا لاءِ ڪو مرڪز يا سڪيريٽرئيٽ قائم ڪئي وڃي ٿي. سڀني شعبن جي مُک آفيسرن يا سيڪريٽرين جي مٿان هڪ سربراهه يا ’سيڪريٽري جنرل‘ مقرر ڪيو ويندو آهي. هن عهدي جي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته تنظيم يا اداري ۾ ڪم ڪندڙ شعبن جا ذميدار انتظامي عملدار پنهنجي پنهنجي ملڪ يا پاڻ کي فائدو ڏيڻ لاءِ سوچي سگهن ٿا، پر سيڪريٽري جنرل غير جانبداريءَ ۽ عام ڀلائيءَ جي اصولن تحت تنظيم يا اداري جي طئه ٿيل پاليسين کي ڪاميابيءَ طرف کڻي وڃڻ لاءِ سوچيندو آهي. سيڪريٽري جنرل تنظيم سان واسطيدار يا لاڳاپيل ڌُر ۽ ملڪن جي مسئلن جي نوعيت سمجهي، انهيءَ کانپوءِ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ممڪن حل جي لاءِ حڪم ناما جاري ڪري ٿو. موجود دؤر ۾ پئدا ٿيل سياسي، سماجي، معاشي ۽ سيڪيورٽي پيچيدگيون هر اداري يا تنظيم جي سيڪريٽري جنرل لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون پئدا ڪنديون آهن. اهڙين سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ ذهين ۽ آرگنائيزيشن کي ترقي ڏيارڻ جون صلاحيتون رکندڙ متوازن شخص چونڊيو ويندو آهي. ميمبر ڌُرين يا ملڪن جي سياسي سربراهن سان رابطي ۾ رهڻ مُختلف ادارن جي ڪارڪردگي جاچڻ، دُنيا کي درپيش مسئلن تي راءِ جو اظهار ڪرڻ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي انٽرويوڏيڻ ۽ تنظيم يا اداري جي مُفادن سان هر حال ۾ سچائي ڏيکارڻ، سيڪريٽري جنرل جي ذميدارين ۾ شامل هوندو آهي.
ان پهلوءَ کي مد نظر رکندي تواريخي حوالي سان محسوس ٿيندو ته 1964ع ۾ جڳ مشهور مُفڪر ’وليم پين‘ پنهنجي شاندار مضمون Essay Towards the Present and Future Peace of Europe ۾ ”سيڪريٽري جنرل“ جهڙي عهدي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. پهرين جنگ عظيم کان 1919ع ۾ عملي طور پهريون ڀيرو ”ليگ آف نيشنز“ جي تنظيم ۾ هن عهدي کي متعارف ڪرايو ويو،’سرايرڪ ڊرومنڊ‘ کي ليگ ۽ ’البرٽ ٿامس‘ کي ’انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن‘ جي پهرئين سيڪريٽري جنرل طور چونڊيو ويو. وقت ۽ حالتن جي گذرڻ سان گڏوگڏ ”سيڪريٽري جنرل“ جي اختيارن ۾ تبديليون ۽ اضافا ڪيا ويا. جڏهن گڏيل قومن جو ادارو (UN) قائم ڪيو ويو ته ان جي ”سيڪيورٽي ڪائونسل“ کي 5 سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل جي چونڊڻ جا اختيار ڏنا ويا. پر انهيءَ چونڊيل شخص لاءِ جنرل اسيمبليءَ جو ووٽ وٺڻ به ضروري قرار ڏنو ويو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڪنهن به اداري يا ملڪ جي دٻاءَ کان آزاد آهي. ايتري قدر جو گڏيل قومن جي آئين جي آرٽيڪل 99-(”جيڪڏهن امن جي لاءِ ڪو به مسئلو پئدا ٿئي ٿو ته سيڪيورٽي ڪائونسل انهيءَ تي اڃا ڪو قدم نه کنيو آهي ته سيڪريٽري جنرل انهيءَ مسئلي تي آواز اٿارڻ جو اختيار رکي ٿو.“) هيٺ سيڪريٽري جنرل کي خاص اختيار به مليل آهي. غير جانبداري ۽ ايمانداري واريون خوبيون سيڪريٽري جنرل جي عهدي ۽ جٽاءَ لاءِ اهم عنصر مڃيا وڃن ٿا. سيڪريٽري جنرل طرفان ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهيءَ تي ميمبر ملڪن کي، جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سندس خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڏيڻ جو حق آهي. جيڪڏهن سيڪريٽري جنرل اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو، ته پوءِ ”سيڪيورٽي ڪائونسل“ سندس حيثيت بابت پنهنجي اجلاس ۾ آخري فيصلو ڪري ٿي. ٻئي طرف ڪنهن به سبب جي ڪري سيڪريٽري جنرل پڻ ٻيهر عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪرڻ جو حق رکي ٿو. ڪنهن به متحرڪ ۽ ڦهليل تنظيم جا عام رواجي معاملا ۽ سياسي ۽ انتظامي سرگرميون اُن تنظيم يا اداري جي سيڪريٽري جنرل کي ڏسڻيون هونديون آهن. انهيءَ ڪري عهدي لاءِ ڪنهن به شخص جي چونڊ ڪرڻ وقت 3 ڳالهيون لازمي ڏسڻ گهرجن. هڪ: ان شخص کي تنظيم جي آئين جي ڄاڻ ۽ سيڪريٽري جنرل جي عُهدي لاءِ مُناسب معلومات هُجي، ٻيو: عهدي سنڀالڻ واري ماڻهوءَ جي شخصيت، علم ۽ سرانجام ڏنل ڪمن جي سطح غير معمولي هُجي ۽ ٽيون: تنظيم جنهن سرشتي جي قيام لاءِ ڪم ڪري پئي انهيءَ سرشتي جي اهم پهلوئن جي ڄاڻ کان سواءِ سرشتي جي ڪاميابيءَ بابت وٽس مڪمل تدبر موجود هُجي. دنيا ۾ الڳ الڳ سياسي ۽ تنظيمي سرشتا هُئڻ ڪري، ڪنهن دور ۾ سوويت يونين طرفان ٽين دنيا جي ملڪن، يورپي خطي ۽ وڏي فيڊرل سرشتي وارين رياستن جي جوڙجڪ ۾ فرق کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي اندر ٽي ”سيڪريٽري جنرل“ مقرر ڪرڻ لاءِ تجويز ڏني هئي. اهڙي طرح عملي طرح ”پهرين دنيا“، ”ٻين دنيا“ ۽ ”ٽين دنيا“ لاءِ الڳ الڳ سيڪريٽري جنرل مقرر ڪرڻ واري انهي تجويز جي مقصد ۾ اصل ۾ ته ”سيڪريٽري جنرل“ جي عُهدي مٿان طاقتور ملڪن جو دٻاءُ ختم ڪرڻ هيو. پر گڏيل قومن جي طرفان اها تجويز غور هيٺ نه آندي وئي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان عالمي برادريءَ ۾ ايڪو پيدا ڪرڻ ممڪن نه هُئو. هن عهدي کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته ”سيڪريٽري جنرل“ جي اختيارن کي سدائين غور ويچار هيٺ رکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته وقت ۽ حالتون بدلجڻ سان گڏ ذميواريون وڌن ۽ تبديل ٿين ٿيون. انهن ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ اختيارين جو نئين سرتعين ڪرڻ لازمي هوندو آهي
مابقا
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal