SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Sciatica

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • saiætikə

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Sciatica

ساياٽڪا

ڪُن رڳ/ ساياٽڪ تنت (sciatic nerve) سان لاڳاپيل سور يا اھنج. عام طور تي سور چتڙن ۽ دُڏ کي متاثر ڪري ٿو ته ورلي ٽنگ ۽ پير ڏانھن وگهري ٿو. شديد حالتن ۾ سور سان گڏ متاثر حصو سُن يا ڪمزور به ٿي وڃي ٿو. ان جو گهڻو عام ڪارڻ نڪري پيل بين ـ الريڙه (ريڙھين جي وچواري ) جي ڊسڪ جو ان تنت جي پاڙ تي دٻاءُ لڳائڻ ٿئي ٿو (ڏسو، disc prolapse). ٻين ڪارڻن ۾ ڪنھن مشڪ جي ڳڍڙي، ھڪ ڊگهي عرصي تائين اڍنگي طريقي سان ويھڻ يا ورلي ڪنھن ڳوڙھيءَ جو تنت تي دٻاءُ لڳائڻ ٿئي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن، اصل ڪارڻ جي ڄاڻ نٿي پوي. علاج لاءِ انلجيسڪ (analgesic) دوائون ڏجن ٿيون. جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي چرپر ڪرڻ ضرري ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ سور شديد ھجي ٿو تنھن ھوندي به ڪجهه وقت لاءِ بستري جو آرام ڪارائتو ٿئي ٿو، جڏھن ته ڊگهي آرام سان حالت بدتر ٿي سگهي ٿي. فزيوٿراپي (physiotherapy)، آسٽيوٿراپي (osteopathy) يا ڪيروپريڪٽڪ (chiropractic) ڪن حالتن ۾ فائديمند ٿي سگهي ٿي. صحتمند بيھڪ ۽ وزن برقرار رکڻ ضروري ٿئي ٿو.


.


Other Phrases of Sciatica used in Daily life:

Remember Me Also:

ڪنڊ

ث. سن. ڪَنٽَڪَ = ڪَنڊِ < ڪنڊن وارو. ڪنڊيءَ جو ننڍو وَڻُ. ڪنڊيءَ جي وڻن جو گهاٽو جهنگ. ڪنڊن وارو ٿُڙُ. ڪنڊن جي ڇَهِي ، ڊنگهر. قضئي کان پوءِ ڏهين يا ١١ يا ١٥ ڏينهن بعد فوتيءَ جي وارثن جي ادا ڪيل رسم. پلي جو اهو پاسو جنهن ۾ گهڻا ڪَنڊا ڪانڊو پاسو آتشبازيء

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal