SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Schizophrenia

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • skitsoufriːniə

From the Dictionary of Official Terms:

Schizophrenia

ذهن جو ٽٽي جدا ٿيڻ هڪ ذهني بيماري


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Schizophrenia

اسڪيزوفرينيا

نفسياتي بيمارين جي ھڪ گروپ لاءِ استعمال ٿيندڙ عام اصطلاح جنھن ۾ سوچ، جذباتي ردعملن ۽ سڀاءَ ۾ خلل پيدا ٿي پوي ٿو. اھڙي ڀاؤ جي شروعات ڪنھن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي جڏھن ته گهڻي ڀاڱي نوجواني جي آخر يا 20 جي ڏھي جي اوائل ۾ ٿئي ٿي، پريشانيءَ يا ڪن ناجائز دوائن جي استعمال جھڙوڪ: گان جي (cannabis) سبب زور وٺي ٿي. جيتوڻيڪ ان جي ڪارڻن جي ڄاڻ پئجي نه سگهي آھي پر ڪيترن جو ان سان لاڳاپو ڏٺو ويو آھي. ممڪن آھي ته ان ۾ اڍ جو ڪو ڪردار يا دماغ جي ڪن نيوروٽرانسمِٽر (neurotransmitters) جو اھڙي خلل پيدا ڪرڻ ۾ حصو ھجي. اسڪيزوفرينيا ۾ مبتلا فردن جي دماغي عڪسن مان ان جي بناوت ۽ ڪم ۾ نقص ظاھر ٿيا آھن. ممڪن ٿئي ٿو ته اسڪيزوفرينيا خاموشيءَ سان شروع ٿئي ۽ متاثر فرد آھستي آھستي پاسيرو ٿيندو پنھنجو چاه وڃائي ويھي. ٻين حالتن ۾ عام طور تي بيماري ٻاھرين پريشانين سبب بلڪل اوچتو پيدا ٿي پوي ٿي. جنھن جون مکيو نشانيون مختلف قسمن جا وھم وسوسا جھڙوڪ: (عام طور تي پئرانوائڊ اسڪيزوفرينيا)، سوداءَ (hallucinations) گهڻي ڀاڱي سامعي ته ڏسي ۽ محسوس ڪري به سگهجن ٿا ۽ خيالن ۾ خلل سبب ڌيان ڌري نه سگهڻ ۽ سوچڻ متاثر ٿيڻ شامل ٿين ٿا. عام طور تي سوچ ۾ خلل جو اندازو ڳالهائڻ مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪا بي تڪي ۽ بي ربط ھجي ٿي.عام طور تي سڀاءُ غيرمعمولي ۽ لاپرواھيءَ وارو ھجي ٿو. اسڪيزوفرينيا جي ورلي قسم ۾ ڪيٽيٽونيا (catatonia) به ٿي سگهي ٿي جنھن سبب جسم جا ڏکيا ڊول اختيار ڪجن ٿا ۽ اھي به ھڪ ڊگهي عرصي لاءِ يا بار بار ورجائجن ٿا. اسڪيزوفرينيا جي تشخيص ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو ته ڪن حالتن ۾ تشخيص ڪرڻ بلڪل ڏکي ثابت ٿئي ٿي. علاج، گهڻي ڀاڱي اينٽي سائيڪوٽڪ (antipsychotic) دوائن سان ڪجي ٿو. ڪن حالتن ۾ مھيني جي حساب سان ڊيپوٽ انجيڪشنون (depot injections) ھڻجن ٿيون. تڪليفون ضابطي ۾ اچڻ کانپوءِ برادري جي پرگهور لهڻ، ھنري موقعا فراھم ڪرڻ ۽ ڪٽنبي ڪائونسلنگ تڪليفن جي اٿلي پوڻ کان بچائي سگهي ٿي. ڪي فرد مڪمل طور تي بحال ٿي وڃن ٿا، ته اڪثيريت وقت به وقت معمولي کان مڪمل بحال ٿي وڃي ٿي. ننڍڙي انگ کي سڄيءَ عمر لاءِ معذوري رھي ٿي.


Remember Me Also:

نوسنوس ڪرڻ

نُوسِنُوسِ ڪَرڻُ

ڪُتي وانگر نوسڻ، دردر ڀٽڪڻ، ڳجهو ڳولڻ، رُلڻ، خراب ٿيڻ، بدنام ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal