SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Sarcoidosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sarcoidosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Sarcoidosis

سار.ڪوائي.ڊو.سس

ھڪ اھڙي ورلي ٿيندڙ بيماري جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي، بيماريءَ سبب سڄي جسم خاص طور تي لمف نوڊن، ڦڦڙن، چمڙيءَ، اکين ۽ جگر جي سوزش ٿي پوي ٿي. بيماري گهڻي ڀاڱي نوجوانن کي ٿي پوي ٿي. ان جون سدائين نشانيون/ تڪليفون پيدا نٿيون ٿين جن ۾ شامل ٿيون ٿيون بخار، جسم جو عام سور، سنڌن جو سور ۽ اکين جو ڌکڻو ڳاڙھو ٿي پوڻ. ساه جي مونجهه، ڳنر چڙھي پوڻ/ لمف نوڊ سڄي وڃڻ، اَرڌيما نوڊوسم (erythema nodosum) منھن جو ھڪ واڱڻائي ڊٻڙ ۽ ڪي حصا سُن ٿي ويل پيدا ٿي سگهن ٿا. ان جي ممڪن پيچيدگين ۾ شامل ٿين ٿيون ھائپرڪيلسيميا (hypercalcaemia) جيڪا گردا تباه ڪري سگهي ٿي ۽ پلمونري فائبروسس (pulmonary fibrosis). ھن بيماريءَ جو سدائين علاج ڪرڻو نٿو پوي. ڪيترا متاثر فرد ٻن سالن ۾ علاج ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان مڪمل طور تي صحت مند ٿي وڃن ٿا ته ڪن کي بيماري لاڳيتو ۽ ديرپا رھي ٿي. لاڳيتو رھندڙ بخار يا اَرڌيما نوڊوسم جي حالت ۾ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ ڏجي ٿي ته جيئن متاثر اک کي نابينائپ ۽ ڦڦڙن جي تباه ٿيڻ جي خطري کي گهٽائي سگهجي.


Remember Me Also:

ميل

ميلُ جمع ميلَ

ذ . (سن. مِل= ملڻ) ملڻ جي حالت، ميلاپ، ملاقات، گڏجاڻي. سنٻڌن. ملاوت، آميزش. اتفاق، ٻڌي، اتحاد، ايڪو. ياري، سنگُ، محبت. ٺاهه، صلح. پرچاءُ. جوڙ، جِيس، ثاني. ميڙُ (ماڻهن جو)، ٽولي، جماعت، ڊَنبُ. هڪجهڙائي. ننڍڙو ڳوٺ، واهڻ. لاڙو. رغبت، چا

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal