SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


SARS

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sars
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

SARS

سارس

سِيوِيئرـ اڪيوٽ ـ رسپائريٽري ـ سن.ڊروم (Severe Acute Respiratory Syndrome) جو مخفف. ساه سرشتي جو ھڪ سنگين قسم جو انفيڪشن، ورلي نمونيا پيدا ڪري وجهي ٿو جنھن کي ڪوروناوائرس جو ھڪ اسٽرين سمجهيو وڃي ٿو. شروعاتي نشانين ۾ بخار ۽ ورلي سياٽو، جسم جو سور ۽ مٿي جو سور ٿي پوي ٿو. اڳتي ھلي خشڪ کنگهه ۽ ساه جي لڪائي پيدا ٿي سگهي ٿي. نمونيا جي ٻين ڪارڻن کي رد ڪرڻ لاءِ ڇاتيءَ جي ايڪسري ۽ بلغم جي خوردبيني چڪاس ڪري سگهجي ٿي. سھائتي علاج طور آڪسيجن جو علاج ڏئي سگهجي ٿو ۽ ضرورت آھر ھٿرادو ساه کڻائي سگهجي ٿو. گهڻا متاثر فرد بحال ٿي وڃن ٿا ته ڪن حالتن ۾ بيماري موتمار ثابت ٿئي ٿي. بيماريءَ جي ويڪسين يا علاج ڪونھي، بيماريءَ تي ضابطي رکڻ لاءِ مکوٽو (facemask)، دستانا استعمال ڪرڻا پون ٿا ۽ نويڪلو رھڻو پويٿو.


Remember Me Also:

وهنواري

وَهِنواري

ڏيتيءَ ليتيءَ ۾، ٺيڪ طرح، وهنوار وارو، ليکي جي ڳالهه. عام طرح، روز مره جو. سڌو ماڻهو، سڌريل، غريب نواز. (ت).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal