SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rituximab

(click word to listen sound
  • 🔊
  • rituximab
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rituximab

رِ.ٽوڪ.سي.ماب

ھڪ مونوڪلونل اينٽيباڊي دوا (ڏسو، antibody, monoclonal) جيڪا اِميون سرشتي کي دٻائي سوزش گهٽائي ٿي. عام طور تي ڪيموٿراپيءَ (chemotherapy) سان گڏ استعمال ڪري ڪن قسمن جي لمفومائن (lymphomas) ۽ ليوڪومائن (leukaemias) جو علاج ڪجي ٿو. ميٿوٽريڪسيٽ (methotrexate) جي گڏ استعمال سان شديد روميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arthritis) جو علاج ڪجي ٿو. ھن جي ممڪن اُگرن اثرن ۾ بخار، ڏڪڻي، اوڪارا، الٽي، الرجيائي ردعمل ۽ پيٽ جو سور شامل ٿين ٿا. دل جي تڪليف وارا فرد پنھنجي حالت بدتر ٿيندي محسوس ڪن ٿا. ھن دوا جي استعمال سان روڳ/ انفيڪشن ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو، سلهه يا ھيپيٽائيٽس بيءَ وارا فرد جيڪي اڳ ۾ انھن بيمارين ۾ مبتلا رھيا آھن تن کي فعال ڪري سگهي ٿي.


Remember Me Also:

ڪناسرو

ذ. ع. قَناصِرة. کنڊ جو هڪ قسم ، جيسلميري سادي کنڊي مِٺائي ، مُستي ، چِيني ، شڪر صفت سهڻو ، ٺاهوڪو ، حسين ، خوبصورت ، جَميلُ ت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal