SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ribonucleic acid/RNA

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ribonucleic
  • æsid
  • rna
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ribonucleic acid/RNA

راءِ.بو.نيو.ڪلي.ئڪ ايسڊ/ آر اين اي

ھر جاندار سيل ۾ موجود ھڪ نيوڪليئڪ ايسڊ جنھن جو ڪم سيل جي پروٽين جوڙڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ٿئي ٿي. ڪن قسمن جي وائرسن ۾ ڊي اين اَي بجاءِ انھن جي جينياتي ڪوڊن طور ڪم ڪري ٿو. آر اين اَي، جوڙجڪ جي حوالي سان ڊي اين اي جھڙو ٿئي ٿو سواءِ ٻن ڳالهين جي ته، آراين اي ۾ شگر، رائبوس (ribose) ٿئي ٿي، ڊي اين اي جي اٻتڙ جنھن ۾ اھا ڊي آڪسيرائبوس (deoxyribose) ٿئي ٿي ۽ آر اين اي ۾، ٿائمين (thymine) جي ڊي اين اي بجاءِ پيريميڊين يوريسل (pyrimidine uracil) ٿئي ٿي. آر اين اي جي بناوت مختلف، اسپرنگ جھڙي ڊول کانوٺي مختلف ڊگهائين وارن تاندورن جھڙي ٿئي ٿي جن جو مدار انھن نيوڪليوٽائيڊن جي انگ تي ٿئي ٿو جيڪي ڪو تاندورو ٺاھين ٿا. مختلف قسمن جي آر اين اي جي جوڙجڪ مختلف ٿئي ٿي جھڙوڪ: ٽرانسفر آر اين اي (tRNA) ۾ اٽڪل رڳو 75 نيوڪليئوٽايڊ يونٽ ٿين ٿا ته ٻين قسمن ۾ ھزارين ٿي سگهن ٿا.


Remember Me Also:

سفيدو

ذ. سُفيتو. دوا طور ڪم ايندڙ هڪ پسارڪو وَکرُ. ڦُلايل جست. قلعيءَ مان ٺهيل اڇي رنگ تي، ڦَٽن ڦُرڙين لاءِ هڪ دوا.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal