SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rheumatid arthritis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • rheumatid
  • ɑːθraitis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rheumatid arthritis

روميٽوائڊ ـ آرٿرائيٽس

سوزشي آرٿرائيٽس (arthritis) جو ھڪ اھڙو قسم جنھن سبب آڱرين، ڪراين، گوڏن، ڳچيءَ يا جسم جي ڪنھن به ٻئي ھنڌ جا سنڌ ڏکڻا، سڄي ۽ سيٽجي وڃن ٿا ۽ گنڀير حالتن ۾ بيڊولا ٿي پون ٿا. سنڌن کانسواءِ جسم جي ٻيا ٽشو جھڙوڪ: دل جا متاثر ٿي سگهن ٿا. روميٽوائڊ آرٿرائيٽس ھڪ آٽو اِميون (autoimmune) بيماري ٿئي ٿي جيڪا اوائلي جواني يا وچين عمر ۾ شروع ٿئي ٿي ته ٻالڪن (ڏسو، juvenile chronic arthritis) ۾ به ٿي سگهي ٿي. مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ مبتلا ٿين ٿيون. بيماريءَ جا حملا اٿلي پون ٿا. بيماريءَ جون نشانيون ھلڪو بخار ۽ بت جي سور کانپوءِ سنڌن جي سوڄ، ڳاڙھاڻ، ڏکڻ ۽ سختي ٿئي ٿي. متاثر سنڌ جي چؤگرد وارا جوٽا، ٻنڌيون ۽ مشڪون به سوزشي ٿي سگهن ٿيون. آڱرين ۾ ريناس فنامنن (Raynaud’s phenomenon) ٿي سگهي ٿي ۽ ڪرائيءَ جي سوڄ ڪارپل ٽنل سنڊروم (carpal tunnel syndrome) ٽينوسِنووائيٽس (tenosynovitis) پيدا ڪري سگهي ٿي. ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس جي گنڀير حالتن ۾ پيريڪارڊائيٽس (pericarditis)، ويسڪيولائيٽس (vasculitis)، ھٿن پيرن جون السرون (ulcers)، پلورل افيوشن (pleural effusion)، پلمونري فائبروسس (pulmonary fibrosis) ۽ شوگرينس سنڊروم (Sjögren’s syndrome) پيدا ٿين ٿا. بيماريءَ جي سڃاڻپ ايڪسريز ۽ رت جي تپاسن رستي ڪجي ٿي. علاج ۾ نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory) ۽ ڊزيز ماڊيفائنگ اينٽي روميٽڪ (disease-modifying antirheumatic drugs/(DMARDs) دوائون شامل ٿين ٿيون. عام طور تي ڊِ ايم اي آرڊي بيماريءَ جي شروعات ۾ ڏجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته تڪليفون گهٽائين ۽ بيماري جي واڌ سست ڪري ڇڏين ٿيون. ورلي بائلاجيڪل ٿراپيز (biological therapies) به استعمال ڪجن ٿيون ته ڪڏھن ڪڏھن سنڌن ۾ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) انجيڪشن رستي ھڻجن ٿيون. فزيوٿراپي ڪرڻي پوي ٿي ته جيئن معذوري پيدا کان بچي يا ان کي محدود رکي، تڪليفون گهٽائي ۽ چرپر قائم رکي سگهجي. آرٿرائيٽس سبب جيڪي فرد معذور ٿي پون ٿا تن جي اڪوپيشنل ٿراپيءَ (occupational therapy) رستي روزاني ڪمن ۾ سھائتا ڪري سگهجي ٿي. گنڀير حالتن ۾ آپريشن رستي ناقص سنڌ تبديل ڪري سگهجن ٿا (ڏسو، arthroplasty). گهڻن متاثرين کي سڄيءَ عمر لاءِ دوائون کائڻيون پون ٿيون ته ڪيترا تڪليفن تي ضابطي ۾ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي جھڙوڪر عام رواجي زندگي گذارين ٿا.


Remember Me Also:

پوڙهو

ذ. صفت. پرا. پوڍَ؛ سن. پروڍَ > پَر = گهڻو + اَڍَ = کنيل] وڏي عمر وارو ، ڪُراڙو ، ٻُڍو ، پيرسن ، عمر رسيده. جهُور. جهونو. ث پوڙهِي جمع پوڙهِيُون.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal