
رئيوميٽڪ
سنڌن جو سور تپ، وائي سور جو بُخار
سنڌن جو بخار
Rheumatic fever
رُوميٽِڪ ـ فيور
ھڪ اھڙي بيماري جنھن سبب سڄي جسم خاص طور تي سنڌن جي سوزش پيدا ٿي پوي ٿي. اسريل ملڪن ۾ ھاڻ ورلي ٿيندڙ اھا بيماري اسرندڙ ملڪن ۾ دل جي بيماريءَ جو ھڪ اھم ڪارڻ ٿئي ٿي. رُوميٽِڪ فيور کي ھڪ آٽواِميون (autoimmune disorder) نقص سمجهيو وڃي ٿو جيڪا اسٽريپٽوڪوڪل (streptococcal) بئڪٽيريا جي ڪن قسمن سبب زور وٺي سدائين نڙيءَ جي انفيڪشن کانپوءِ ٿي پوي ٿي. عام طور تي ان جو اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي ڪجي ٿو. بيماريءَ ۾ بخار سان گڏ سور، سوزش ۽ وڏن سنڌن جي سوڄ ٿي پوي ٿي. دل جا وال (heart valves) ناقص ٿي مائٽرل اسٽينوسس (mitral stenosis)، مائٽرل اِنڪامپيٽينس (mitral incompetence) يا ايئروٽڪ ريگرجيٽيشن (aortic regurgitation) پيدا ڪري سگهن ٿا. تنتي سرشتي جي متاثر ٿيڻ سان سڊنھامس ڪوريا (Sydenham’s chorea) پيدا ٿي سگهي ٿي. ھن بيماريءَ جو تڏھن شڪ ڪري سگهجي ٿو جڏھن آرٿرائيٽس ھڪ سنڌ کان ٻئي تائين وڌي وڃي ٿي پر ان جي ڄاڻ تڏھن پوي ٿي جڏھن ھرٽ فيلؤر (heart failure) يا ھرٽ مرمر (heart murmur) واري حالت پيدا ٿي پوي ٿي. علاج طور مڪمل آرام ڪرڻو پوي ٿو، پينسيلين (penicillin) نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal anti- inflammatory) ۽ ورلي ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticoste- roids) دوائون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون.
نالي چڱو
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal