
Rhesus incompatibility
رِي.سس ـ اِن.ڪام.پيٽي. بلٽي
رِويسس نيگيٽو حامله عورت ۽ سندس ابھم جي رت جي گروپ جو اڻ ٺھڪڻ/ اڻ ميلو ھجڻ. ڪن حالتن ۾ اھڙو اڻ ٺھڪڻ، نئين ڄاول ابھم ۾ ھيمولائيٽڪ ڊزيز (haemolytic disease) پيدا ڪري ٿو. آر ايڇ سسٽم جو بنياد رت ۾ ڪيترن عنصرن جي ھجڻ يا نه ھجڻ تي مدار رکي ٿو جن ۾ وڌ ۾ وڌ اھم ھڪ مادو ڊي اينٽيجين (D antigen) ٿئي ٿو. آر ايڇ پازيٽو رت ۾ ڊِي اينٽيجين موجود ھجي ٿي ۽ آر ايڇ نيگيٽو ۾ موجود نٿي ھجي. رت جو گروپ ڪھڙي قسم جو آھي ان جو فيصلو جينون (genes) ڪن ٿيون. رِيوسس ناموافقت تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن آر ايڇ نيگيٽو عورت پنھنجي ابھم جي آر ايڇ پازيٽو رت سان ڄمڻ دوران لاڳاپي ۾ اچي ٿي. عام طور تي اھڙين حالتن ۾ پھرين حمل دوران، ابھم جي آر ايڇ پازيٽو ھجڻ سان ڪو مسئلو پيدا نٿو ٿئي ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته اھڙي عورت اينٽيجين ڊيءَ خلاف اينٽيباڊيون (antibodies) پيدا ڪري سگهي، جڏھن ته ان کانپوءِ واري حمل ۾ ٻار جي آر ايڇ پازيٽو ھوندي اھي اينٽيباڊيون ناڙو ٽپي ابھم جي رت جي ڳاڙھن سيلن تي حملو ڪري سگهن ٿيون. اھڙيءَ ڪنھن به آر ايڇ نيگيٽو عورت کي سينسيٽائيز ڪري سگهجي ٿو جيڪڏھن کيس ڇڪي آئي ھجي، ڪھائي ٿي ھجي يا ايمنيئوسينٽيسِس (amniocentesis) ڪرائي ھجي جنھن دوران ابھم جو آر ايڇ پازيٽو رت ماءُ جي گردشي سرشتي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.
هيڪوڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal