
Reye’s syndrome
ريزـ سنڊروم
ھڪ قسم جي ورلي ٿيندڙ بيماري جيڪا وائرسي انفيڪشن ٿيڻ کانپوءِ مغز ۽ جيرو ناقص ٿي وڃن ٿا. 15 سالن کان مٿي عمر جا ٻار ورلي متاثر ٿين ٿا. ان جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. جڏھن ته بظاھر ايسپرِن جو ان سان لاڳاپو سمجهيو وڃي ٿو تنھنڪري 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڊاڪٽر جي صلاح کانسوءِ نه ڏيڻ گهرجي. ٻار جي انفيڪشن مان بحال ٿيڻ سان ھيءَ تڪليف پيدا ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. ان جي نشانين/ تڪليفن ۾ ضابطي ۾ نه رھندڙ الٽي، سستي، حافظو نه رھڻ ۽ وائڙائپ ٿئي ٿي. مغز جي سوڄ سبب جهٽڪا، دل جي تال ۾ خلل، ڪوما (coma) ۽ ساه کڻڻ بند ٿي سگهي ٿو. دماغ جي سوڄ تي ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائن ۽ نس رستي مينيٽول (mannitol) ھڻڻ سان ضابطو ڪري سگهجي ٿو. ڊائليسس (dialysis) ۽ رت ھڻائڻ (blood transfusions) جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي. ساه کڻڻ بند ٿي وڃڻ جي حالت ۾ وينٽيليٽر (ventilator) جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. موت جي شرح 10 سيڪڙو ٿئي ٿي ۽ انھن مان جن کي وڌيڪ جهٽڪا پون ٿا، گهري ڪوما ۾ ھليا وڃن ٿا ۽ ساه کڻڻ بند ڪري ڇڏين ٿا. دماغ کي دائمي نقصان پھچي سگهي ٿو.
دوداپور
اسم خاص. تعلقي ڳڙهي خيرو ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal