SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Retortion

(click word to listen sound
  • 🔊
  • retortion
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Retortion

رٽارشن

گڏيل رد عمل

ڪنهن به مُلڪ طرفان ٿيندڙ اهڙو عمل جنهن سان بين الاقوامي اصولن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿئي ۽ اُهو عالمي سطح تي هاڃيڪار ثابت ٿئي، ته لاڳاپيل مُلڪ جي حوصلاشڪنيءَ لاءِ، ان ملڪ کي مُختلف قانوني تقاضائون پوريون ڪندي گهربل سزا ڏني ويندي آهي. انهيءَ سڄي عمل کي Retortion جي اصطلاح سان سڃاتو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ آمريڪي پارليامينٽ طرفان جوڙيل مشهور ”هڪنلوپر ترميم“ (Hickenlooper Amendment) ذريعي هن اصطلاح کي متعارف ڪرايو ويو. جنهن مطابق ضرورت پوڻ تي، آمريڪا جي حڪومت ڪنهن به وقت اهڙن ملڪن جي امداد بند ڪري سگهي ٿي، جيڪي آمريڪا جي خلاف ڪو سنئون سڌو قدم کڻن، يا آمريڪا جي ڪنهن مُفاد کي سخت نقصان رسائين. 1963ع ۾ جڏهن سيلون ۽ آمريڪا جي سرڪارن جي وچ ۾ اهڙا تڪراري مسئلا پيدا ٿيا، ته آمريڪا ”ريٽارشن“ جي قانون مطابق سيلون لاءِ ڏنل امداد بند ڪئي هئي. سيلون جڏهن آمريڪي تحفظات جي تلافي ڪندي، آمريڪا کي نقصان ڀري ڏيڻ جو معاهدو ڪيو، تڏهن آمريڪا مٿانئس پابنديون هٽايون. هن عمل کي ”آمريڪن فارين اسٽنسس ايڪٽ 1973ع“ تحت گهربل تقاضائون پوريون ڪندي لاڳو ڪيو ويندو آهي


Remember Me Also:

ڪپي

ث. سن. مس وغيره وجهي رکڻ لاءِ ننڍي شيشي ، ڪُپڙي. چَمَ جو ٿانءُ ، چمَ جو شيشو. بارود رکڻ جي شيشي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal