SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Retinoblastoma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • retinoblastoma
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Retinoblastoma

ري.ٽي.نو.بلاس.ٽوما

تنتي پردي (retina) جي ڪينسر جيڪا ابھمن کي متاثر ڪري ٿي. ھن تڪليف جي پھرين نشاني ٽيڏائپ (squint) ٿي سگهي ٿي جيڪا متاثر اک جي نابينائپ يا ماڻڪيءَ (pupil) جي ظاھر ٿيندڙ اڇاڻ ٿي سگهي ٿي. شروعات ۾ علاج نه ڪرائڻ سان ريٽيوبلاسٽوما دوڏي (orbit/eye socket) ۽ ڏسڻيءَ تنت (optic nerve) رستي مغز ڏانھن پکڙجي سگهي ٿي. ريٽينوبلاسٽوما جو ڪارڻ موروثي ٿئي ٿو. جن فردن کي ھن قسم جي ڪينسر ٿئي ٿي انھن جي ڪروموسوم (chromosome) نمبر13 ۾ ھڪ حصي جي کوٽ ٿئي ٿي. متاثر ڪٽنبن جي نون ڄاول ابھمن جي اکين جي باقاعديءَ سان تپاس ڪبي رھجي ٿي ۽ متاثر خاندانن جي جن والدين کي ان جي ٿيڻ جو امڪان ٿئي ٿو تن کي جينيٽڪ ڪائونسلنگ (genetic counselling) ڪرڻ گهرجي. ريٽينوبلاسٽوما جي علاج جو مدار ان تي ٿئي ٿو ته ڪينسر ڪيتري وگهري چڪي آھي. جنھن لاءِ ليزري علاج (laser treatment)، ڪرايوٿراپي (cryotherapy)، ٿرموٿراپي (thermotherapy) ريڊيوٿراپي (radiotherapy)، ڪيموٿراپي (chemotherapy)، آپريشن يا گاڏڙ علاج ڪجن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھي وڏي ھجي ۽ اک ڪم ڪري نه سگهندي ھجي ته نيڪال به ڪرڻي پوي ٿي.


Remember Me Also:

مواس

مَواسُ جمع مَواسَ

ذ . صفت. بي لغام، آجهل. سرڪش. بيپرواهه. ناشناس، بي ڍنگو، اَن گهڙيو، اَڍنگو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal