SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Respiratory system

(click word to listen sound
  • 🔊
  • respiratory
  • sistəm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Respiratory system

رس.پير.ي.ٽري ـ سسٽم

ساه کڻڻ جو سرشتو، ھوا مان آڪسيجن (oxygen) کڻي رت کي پھچائڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (carbon dioxide) خارج ڪرڻ جا عضوا. ساه سرشتي جو مٿين حصي ۾ شامل ٿين ٿا ناسن جا ٻه لنگهه، نڙي (pharynx)، گلو (larynx، جنھن ۾ آوزاي ڏوريون ٿين ٿيون) ۽ نڙگهٽ (trachea). ساه سرستي جي ھيٺين حصي ۾ شامل ٿين ٿا ٻه ڦڦڙ (lungs) جيڪي ھڪ ٻٽيءَ جهليءَ ۾ ٿين ٿا جنھن کي پلورا (pleura) سڏجي ٿو ۽ ھيٺيان ھوا لنگهه (برونڪي ۽ ننڍڙيون برونڪيولس). اھي عضوا پاسرين جي ھڪ ھڏائين کوليءَ ۾ بند ٿين ٿا. ھوا لنگهه لکين ڦوڪڻين جھڙين ڳوٿرين جن کي آلويولي (alveoli) سڏجي انت ڪن ٿا جتي رت جي انھن سنھڙين نلين ۾ گئس جي مٽ سٽ ٿئي ٿي جن سان چوگرد اھي گهيريل ٿين ٿا. اھي ننڍڙيون نليون وڏڙين پلمونري ويسلس کي فيڊ ڪن ٿيون جيڪي دل ڏانھن ۽ کان رت آڻين ٿيون. ھوا ساه رستي کڻڻ ۽ ڪڍڻ (ڏسو، breathing) جو ڪم گنبذ جھڙو پيٽ ڇھه (diaphragm) ۽ پيٽ ۽ ڇاتين جي مشڪن جن ۾ پاسرين جون وچ واريون مشڪون به ٿين ٿيون رستي ٿئي ٿو


Remember Me Also:

سالاهڻ

مصدر. ساراهڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal