SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Reproductive system, male

(click word to listen sound
  • 🔊
  • reproductive
  • sistəm
  • meil
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Reproductive system, male

ري.پرو.ڊڪ.ٽو ـ سسٽم ـ ميل

نر جي پيدائشي سرشتي ۾ شامل ٿين ٿا: تخمي جيو (sperm) ۽ جنسي ميلاپ (sexual intercourse). تخمي جيو ۽ مرداڻا جنسي ھارمون (اينڊروجن ھارمون) خصين ۾ پيدا ٿين ٿا جيڪي انڊڪوش (scrotum) ۾ لڙڪندا رھن ٿا. تخمي جيو، خصيي مان اپيڊيڊائيمس (epididymis) ۾ اچي رسجن ۽ ذخيرو ٿين ٿا. انزال ٿيڻ کان ستت اڳ ۾ تخمي جيو ھڪ نليءَ جنھن کي واس ڊفرينس (vas deferens) سڏجي پھچن ٿا جيڪا انھن کي ٻن سيمائينل ويزائيڪلن (seminal vesicles) ۾ پھچائي ٿي. انھن ڳوٿرين جو ڪم سيمائينل فلوڊ (seminal fluid) پيدا ڪرڻ ٿئي ٿو جنھن جي تخمي جيون سان ملڻ سان مني (semen) ٺھي پوي ٿي. مني ٻه نلين رستي پيشاب نليءَ (urethra) ڏانھن سفر ڪري ٿي. اھي نليون پراسٽيٽ (prostate) غدود مان گذرن ٿيون جيڪي رتوبتون پيدا ڪري منيءَ سان ملائي ڇڏين ٿيون. انزال وقت ، مني ٺڳيل آلت مان پيشاب نليءَ رستي خارج ٿي جماع وقت عورت جي گرڀ ناليءَ (vagina) ۾ ھلي وڃي ٿي.


Remember Me Also:

ڀوٽا

اسم خاص. تعلقي شهدادڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal