SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Reprisal

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • ripraizl

From the English to Sindhi Dictionary:

Reprisal

بدلو، عيوض، انتقام، دشمن کان بدلو وٺڻ


From the Dictionary of Official Terms:

Reprisal

دشمن کان بدلو وٺڻ- جوابي ڪارروائي- وير- انتقام


From the Dictionary of International Relations:

Reprisal

رپرئزل

مُهذب جوابي ڪارروائي- مُناسب بدلو

ڪنهن به جنگ ۾ ڏوهاري ملڪ جي هار ۽ ان کان جنگ ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائڻ واري عمل کي هن اصطلاح سان سڃاتو ويندو آهي. هن قسم جي عمل در آمد جي سلسلي ۾، مقرر ٿيل بين الاقوامي اصولن کي سامهون رکي پوءِ ئي ڪو طريقيڪار طئه ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ ٿيل نقصان جو عيوضو ڀرائڻ سان گڏ، علائقي ۾ امن ۽ سلامتي هُجڻ، تجارتي سرگرمين جي جاري رهڻ ۽ ڏاڍ ذريعي ٻيهر ٻين علائقن تي قبضي کان روڪڻ وارا پهلو به ڳڻپ ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي. ان کان علاوه جنگ ۾ ٿيل نقصان جو ازالو، قانوني طور تي حل ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ انساني حقن ۽ ضرورتن جو احترام لازمي هوندو آهي. ٻين عالمي جنگ جي قصور وار ”ڏوهاري ملڪن“۾ مٿان، نقصان ڀري ڏيڻ جا شرط وڌا ويا هئا، پر ان جنگ سبب ٿيل تباهه ڪارين ۽ يورپي عوام جي وڏي پئماني تي پريشانيءَ وارين حالتن کي سامهون رکندي، عيوضي يا بدلي وٺڻ واري عمل تي شدت سان عمل درآمد کان پاسو ڪيو ويو. ”گڏيل قومن“ جي پڌرنامي مطابق ”عيوضو وٺڻ“ وارو مناسب طريقو عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي لازمي طور تي نقصان نه رسائڻ وارن عنصرن تي ٻڌل آهي. ٻي صورت ۾ وڌيڪ نقصانن جا انديشا رهن ٿا. قانون جي پاسداري ڪرڻ ۽ وقت ۽ حالتن کي سمجهڻ کانپوءِ ئي عيوضي ۽ Reprisal واري عمل کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي


Related words with: Reprisal


Remember Me Also:

ڪت ڪت ڪرڻ

ڪِتڪِتِاڙِي ڪرڻ ، گُدگُدي ڪرڻ. ڪنهن جانور جون رڳو ٽنگون آهستي آهستي زمين تان گهلڻ ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal