
Reiter’s syndrome
ريئيٽرس ـ سِن.ڊروم
ھڪ اھڙي بيماري جنھن ۾ يوريٿرائيٽس (urethritis)، ريئيڪٽِو آرٿرائيٽس (reactive arthritis) ۽ اکين جي اٿڻ (conjunctivitis) جون تڪليفون گڏ ٿين ٿيون. انھن سان گڏ يووِيئائيٽس (uveitis) به سگهي ٿي. ريئيٽرس سنڊروم مردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي. ھن سنڊروم جو ڪارڻ اِميون رسپانس (immune response) ٿئي ٿو ۽ عام طور تي انھن فردن ۾ پيدا ٿي پوي ٿو جيڪي موروثي لحاظ کان ان لاءِ حساس ٿين ٿا. ڪيترن مريضن جا ٽشو ايڇ ايل اَي ـ بي 27قسم (HLA-B27) جا ٿين ٿا (ڏسو، histocompatability antigens). ھي سنڊروم ھڪ انفيڪشن عام طور تي نانِ ـ گونوڪوڪل يوريٿرائيٽس (nongonococcal urethritis) ۽ ورلي بيسيلري ڊِسينٽريءَ (bacillary dysentery) سبب زور وٺي ٿو. عام طور تي ريئيٽرس سنڊروم، يوريٿرل ڊسچارج سان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪنجنڪٽيوائيٽس ۽ آرٿرائيٽس سان. آرٿرائيٽس عام طور تي ھڪ يا ٻن سنڌن کي متاثر ڪري ٿو (گوڏي/مُري) ۽ ان سان گڏ گهڻي ڀاڱي بخار ۽ بيمار ٿي پئجي ٿو. حملا ڪيترن مھينن تائين ھلي سگهن ٿا. ٻنڌيون، جوٽا ۽ پيرن جي ترين جي ٽشوئن ۽ کڙِي به سوزشي ٿي سگهي ٿي. چمڙيءَ جا ڊٻڙ عام ٿين ٿا. تشخيص نشانين/ تڪليفن رستي ڪجي ٿي. اينلجيسڪ (analgesic)، ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) ۽ نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory) دوائون تڪليفون ختم ڪن ٿيون پر ھڪ ڊگهي عرصي تائين کائڻيون پون ٿيون. 3 مان 1 ڪيس ۾ تڪليفون اٿلي پون ٿيون.
فاجر
ذ. صفت. ع. فَجَرَ = هن حڪم عدولي ڪئي بدڪار ، بدڪردار ، بدچلن ، زناڪار ، زاني. فاسق ، ث. فاجِرَه.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal