SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rectum, cancer of

(click word to listen sound
  • 🔊
  • rektəm
  • kænsərəs
  • kænsər
  • ɔf
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rectum, cancer of

ريڪٽم ـ ڪينسر ـ آف

سفري ۾ ڪينسري ڳوڙھيءَ جو ھجڻ. ان جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي پر سمجهيو وڃي ٿو ته غذائي ۽ موروثي پھلون جو ان تي اثر ٿئي ٿو. شروعاتي نشانين ۾ پيٽان ويھڻ سان سفري جي رتھير (rectal bleeding)، پيٽان ويھڻ جي عادتن ۾ فرق، دست يا قبضي ۽ وزن جي گهٽتائي ٿين ٿيون. اڳتي ھلي سور به ٿي سگهي ٿو. علاج نه ڪرائجي ته ڪينسر سبب شديد رتھير، سور ۽ آنڊو ٻنججي سگهي ٿو. ڪينسر جسم جي ٻين عضون ڏانھن به وگهري سگهي ٿي. سفري تپاسڻ (rectal examination) سان ڪينسر جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي ۽ ان جي پڪ ڪرڻ لاءِ پروڪٽواسڪوپي (proctoscopy) يا سگموئيڊواسڪوپي (sigmoidoscopy) ۽ بايوپسي (biopsy) ڪجي ٿي. سفري جي ڪينسر جي ڇنڊڇاڻ فيڪل آڪلٽ بلڊ ٽيسٽ رستي ڪري سگهجي ٿي (ڏسو، occult blood, faecal). عام طور تي علاج، آپريشن رستي ڪجي ٿو. مٿين سفري ھجڻ جي حالت ۾ متاثر حصو ۽ آنڊي جو آخري حصو ڪڍي آنڊي جا ٻه آزاد ڇيڙا سبي ڇڏجن ٿا. ان جي جلد ڇٽڻ لاءِ ھڪ عارضي ڪولوسٽومي (colostomy) به ڪري سگهجي ٿي. جيئن ته ڪرفتيءَ جو نيڪال نٿو ھجي تنھنڪري ھڪ دائمي ڪولوسٽومي ٺاھي ڇڏجي ٿي. آپريشن بجاءِ يا ان سان گڏ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ۽ ڪينسر ختم ڪرڻ جون دوائون به ڏئي سگهجن ٿيون. جن جو سفري جي ڪينسر جو علاج ڪجي ٿو انھن مان 40 سيڪڙي تائين مريض 10 سال يا وڌيڪ زنده رھي سگهن ٿا.


Remember Me Also:

ڍنڍورو ڏيڻ

پڙهو گهمائڻ ، مشهوري ڪرڻ ، اَعلاَن ڪرڻ ، هر هڪ جي ڪَنَ تائين ڳالهه پهچائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal