SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Realism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • riəlizəm

From the English to Sindhi Dictionary:

Realism

شين کي موجوده شڪل ۾ ڏسڻ، حقيقت شناسي


From the Print Technology Dictionary:

Realism

حقيقت نگاري، حقيقت پسندي


From the Dictionary of International Relations:

Realism

ريئلزم

حقيقت پسندي

هڪ نظريو جنهن ۾ سيڪيورٽي ۽ طاقت جي معاملن کي سمجهڻ تي زور ڏيندي مڃيو وڃي ٿو ، ته جبلي طور هر انسان ٻئي کي نوائڻ گهري ٿو، تنهن ڪري منجهن تڪرار/ويڙهه اڻ ٽر آهي . اهو ٽڪراءُ جڏهن فردن جون حدون ٽپي قومن جي دائري ۾ پهچي ٿو ، ته ’حقيقت پسنديءَ‘ جو روپ وٺندي ، قومن جي وچ ۾ ٽڪراءَ کي فطري قرار ڏيندي ، ’طاقت جي حاصلات‘ لاءِ بين الاقوامي سماج ۾ ڇڪتاڻ کي لازمي ۽ وس کان ٻاهر سمجهي ، هر قوم کي ’وڌيڪ طاقت-ور ٿيڻ لاءِ اُتساهي ٿو . قديم دور ۾ انگريز فيلسوف ’ٽامس هابس‘ ۽ ’اٽليءَ جو ’نڪولو ميڪياويلي‘ ۽ جديد دور ۾ ’هئنس مارگنٿا‘ ، ’جارج ڪينان‘ ۽ ’هينري ڪسنجر‘ کي هن مَتي جا وڏا وڪيل مڃيو وڃي ٿو . هي نظريو بين الاقوامي لاڳاپن کي سمجهڻ لاءِ هيٺين نُڪتن تي زور ڏئي ٿو .
·    عالمي سياست معروضي قانون تي بيٺل آهي، ان کي سمجڻ لاءِ انساني نفسيات ۽ سندس اوسر جي سلسلي کي سمجهڻ ضروري آهي .
·    هر رياست طرفان طاقت جي حُصول تي زور هُجڻ سبب ، بين الاقوامي لاڳاپن کي ڪن خاص اخلاقي ضابطن سان نه پر ’قومي مُفاد‘ جي عنصر ذريعي سمجهي سگهجي ٿو .
·    ’قومي مفاد‘ مستقل نه هوندو آهي ، پر حالتن جي ڦيري سان مٽجندو رهندو آهي، تنهن ڪري ، بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ايندڙ نِت نين تبديلين کي سمجهڻ ضروري آهي .
·    ڪنهن به رياست مَٿان انفرادي آفاقي اخلاقي ضابطا لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن ، تنهن ڪري هڪ ڪامياب رياست جا رويا وقت ۽ حالتن مطابق مٽجڻ کپن .
ڪنهن به قوم جي منزل ۽ ڪائنات کي هلائيندڙ اخلاقي ضابطن جي وچ ۾ ڪو به لاڳاپو نه آهي . ڪنهن به قوم کي زوال ۽ ذلت کان فقط وٽس موجود طاقت ئي بچائي سگهي ٿي


.


Other Phrases of Realism used in Daily life:

Remember Me Also:

پڻ

ذ. اَنَ مَئِڻ جو هڪ ماڻُ. پَڻڪيءَ جو چوٿون حصو. اڳ ئي رواج موجب اَن جو ماپو. ”چوٿائي“ کان عمق ۾ گهڻو ۽ اڌ پاٽيءَ جي برابر هو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal