SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Real politic

(click word to listen sound
  • 🔊
  • reiɑːl
  • pɔlitikl
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Real politic

ريئل پاليٽڪ

زميني حقيقتن واري سياست

هي اصطلاح اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ جرمنيءَ جي سياسي مُفڪرن طرفان استعمال ڪيو ويو. ان جو مقصد اصولن، آدرشن ۽ خيالن تي بيٺل تصوراتي سياست بدران زميني حقيقتن ۽ عمل پسنديءَ تي ٻڌل سچائين کي تسليم ڪندي، انهيءَ محدود حاصلات لاءِ سياست ڪرڻ آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان چٽا هُجن. اِنهيءَ ويچار- ڌارا 1848ع واري ٽئين فرانسيسي انقلاب دوران، آزاد خيال طبقي (Liberals) طرفان جوڙيل حڪومتي پاليسين تي بي اطميناني ظاهر ڪرڻ سبب فرانس ۽ پوءِ يورپ ۾ وڏي شهرت ماڻي. هن اصطلاح کي جرمن مدبر’بسمارڪ‘ تمام گهڻو استعمال ڪيو ۽ ضرورت پوڻ تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گهربل نتيجا وٺڻ لاءِ جنگ ڪرڻ سميت هر طريقي Realpolitic جو حصو ڄاڻايو. ان وضاحت جي ابتڙ هن اصطلاح کي عام طور طاقتي سياست (Power Politics) جي هڪ سگهاري مُحرڪ طور پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اڪثر ڪري ان جو تاثر ناڪاري سمجهيو ويندو آهي


Remember Me Also:

ڌوتر

ث. ڌُوتي ، دَلي ، ڀَڙوي ، بدڪار عورت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal