SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Raynaud’s disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • raynaud’s
  • diziːz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Raynaud’s disease

رينوز ـ ڊزيز

رت نلين جي ھڪ بيماري جنھن ۾ ٿڌ ۾ وائکي ٿيڻ سان ھٿن ۽ پيرن کي رت مھيا ڪندڙ ننڍيون شريانون اوچتو ڪوئجي وڃن ٿيون. رت جي رسد بند ٿيڻ سان آڱريون پيليون ٿي وڃن ٿيون. پيرن جي آڱرين جي ڀيٽ ۾ ھٿن جون آڱريون گهڻيون عام متاثر ٿين ٿيون. جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ نه آھي جڏھن ته نوجوان عورتون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون. ٿڌ ۾ وائکي ٿيڻ سان رت جي اڻاٺ سبب آڱريون اڇيون ٿي وڃن ٿيون جيئن ئي رت جو سست وھڪرو واپس ٿئي ٿو ته آڱريون نيريون ٿي وڃن ٿيون، گرم ڪرڻ سان جڏھن عام رواجي رت جو وھڪرو برقرار ٿئي ٿو ته اھي ڳاڙھيون ٿي وڃن ٿيون. عام طور تي حملي دوران ڪانڊار، سُنجڻ يا متاثر آڱرين ۾ ساڙي جو احساس ٿئي ٿو. ورلي حالتن ۾ شريان جون ڀتيون آھستي آھستي ٿلهيون ٿي دائمي طور تي رت جو وھڪرو گهٽائي ڇڏين ٿيون. نتيجي ۾ متاثر آڱرين جي چوٽين تي پيڙاڪن السر يا گينگرين (gangrene) به پيدا ٿي سگهي ٿي. تشخيص مريض جي ھسٽري رستي ڪجي ٿي. علاج طور جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ھٿ ۽ پير گرم رکڻا پون ٿا. دوائن ۾ ويسوڊائليٽر (vasodilator) يا ڪن حالتن ۾ ڪيلشم چينل بلاڪر (calcium channel blockers) فائديمن ثابت ٿي سگهن ٿا. تماڪ ڇڪڻ بند ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو (وڌيڪ ڏسو، (Raynaud’s phenomenon.


Remember Me Also:

اڇا کرڻ

جوانيءَ ۾ اڇا وار پوڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal