SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ratification

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • rætifikeiʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Ratification

منظوري، تصديق، لجالي


From the Dictionary of Commerce & Banking:

Ratification

اگهه بندي- توثيق- بحالي منظوري


From the Dictionary of Official Terms:

Ratification

توثيق- تصديق- منظوري- بحالي


From the Dictionary of International Relations:

Ratification

رئٽيفڪيشن

توثيق جو عمل

تصديق ڪرڻ جو هيءُ عمل عام طور تي ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيل ڪنهن معاهدي سان لاڳاپيل هوندو آهي. ڪوبه معاهدو تيستائين عمل ۾ نه اچي سگهندو آهي، جيستائين ٻن ڌرين جا با اختيار ادارا اهڙي سهمتيءَ جي تصديق نه ڪن. اهو سلسلو مختلف رياستن جي ڌار ڌار قانوني ۽ آئيني معيارن جي ڪري مختلف طريقن سان بيان ڪيو وڃي ٿو. مثال طور برطانيا ۾ ڪنهن به معاهدي جي تصديق بادشاهه طرفان ٿئي ٿي، پر آمريڪا ۾ صدر ڪنهن به ملڪ سان معاهدا ته ڪري سگهي ٿو، پر هرمعاهدي جي سينيٽ طرفان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان تصديق لازمي آهي. عام طرح سان آمريڪا ۾ حڪومت پاران اڪثر ڪيل معاهدن کي سينيٽ مان منظوري ملندي آهي، پر 1919 ۾ ”قومن جي مجلس“ جي قيام لاءِ آمريڪي صدر طرفان ڪيل اقرار نامي کي سينينٽ جي گهربل تسليمي نه ملڻ ڪري ان اداري جو ميمبر ٿيڻ کان رهجي ويو. جيئن ته معاهدي سازي بين الاقوامي قانون جي ارتقا لاءِ ضروري ۽ سفارتڪاريءَ جي حوالي سان اها وڏي حاصلات ڳڻي وڃي ٿي، تنهنڪري توثيق جي عمل سان لاڳاپيل مختلف لواز مات به وڏي اهميت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪوبه معاهدو تيستائين عمل هيٺ اچڻ ممڪن ناهي، جيستائين ان سلسلي ۾ گهربل توثيقي معيار پورا نٿا ٿين. ويهين صدي معاهدن جي حوالي سان ايڏي ته اهم آهي، جو قومن وچ ۾ گڏيل قومن جي اداري وٽ رجسٽرڊ ٿيل اهڙا معاهدا هڪ هزار کان وڌيڪ جلدن تي ٻڌل آهن، جن مان رڳو برطانيا ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ هزار معاهدا ٿيا آهن. اهڙي طرح توثيق جو عمل معاهدي هيٺ ايندڙ ملڪن ۾ قاعدن قانونن جا نوان بنياد وجهڻ سان گڏ بين الاقوامي سماج ۾ سهڪار جي روايتن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو


Related words with: Ratification


.


Other Phrases of Ratification used in Daily life:

Remember Me Also:

بلي لڳڻ

دل سان لڳڻ ، يادگيري پوڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal