
Rat-bite fever
Sodokosis
(رئٽ ـ بائيٽ ـ فيور/ سوڊوڪوسس) ڪوئن جھڙا ڪتريندڙ جانور انساني آبادين جي ويجهو رھن ٿا. فصلن ۽ اناج جي گدامن کي نقصان رسائين، غليظ ڪن ۽ بيماري پکيڙين ٿا. پليگ (plague) پيدا ڪندڙ جيوڙو ۽ ھڪ قسم جو ٽائيفس (typhus) ڪوئن جي ڪارڙن (fleas) رستي انسانن تائين پکڙجي ٿو. ليپٽواسِپائيروسس (leptospirosis) جي بيماري ڪنھن به اھڙيءَ شئي سان لاڳاپي ۾ اچڻ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي جيڪا ڪوئن جي پيشاب سبب غليظ ٿيل ھجي. ڪوئي جي چڪ سبب ورلي بخار ٿئي ٿو جنھن جا ٻه قسم مختلف بئڪٽيريا سبب ٿي پون ٿا. انھن جي نشانين ۾ چڪ واري ھنڌ تي سوزش ۽ ويجهڙ وارا لمف نوڊ (lymph nodes) سڄي پون ۽ ڦلوڪڻا ٿي پون، بخار جا دورا پون ٿا، ڊٻڙ ٿي پوي ٿو ۽ ھڪ قسم ۾ سنڌ جي ڏکندڙ سوزش ٿي پوي ٿي. ٻنھي قسمن جو اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائن سان علاج ڪجي ٿو. ھڙڪ (rabies) وائرس متاثر ڪوئي جي چڪ سبب پکڙجي سگهي ٿو. ڏکڻ آفريڪا ۾ لاسا فيور (Lassa fever) به ھڪ قسم جو وائرس ڪوئن جي پيشاب رستي پکڙجي سگهي ٿو. ان کانسواِءِ ڪوئن رستي وائرسي بيماري لمفوسائيٽڪ ڪوريومينِنجائيٽس (lymphocytic choriomeningitis) توڙي بئڪٽيريائي تولارامييا (tularaemia) روڳ به ٿي سگهي ٿو.
جهپاٽو
ذ. هوا جو لوڏو ، جهُوٽو ، سَٽَ ، جهَڙپَ. وچ جي جهڙپ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal