SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rash

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • ræʃ

From the English to Sindhi Dictionary:

Rash

اُٻهرو، تڪڙو، بي خيالو، داڻ داڻ


From the Dictionary of Official Terms:

Rash

اُٻهرو- تڪڙو- جلد باز- غير محتاط- بي ڌڙڪ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rash

رَيش

ڊٻڙ، ڪن نشانن جو ميڙ يا چمڙيءَ جو اھڙو ھنڌ جيڪو ڳاڙھو ۽ سوزشي ھجي. عام طور تي ڪو به ڊٻڙ عارضي ۽ ورلي ڪو ھيٺين مسئلي جي سنگين نشاني ٿئي ٿي. ان سان گڏ خارس يا بخار به ٿي سگهي ٿو. ڊٻڙن جي درجيبندي مقامي (چمڙيءَ جي ننڍڙي حصي کي متاثر ڪندڙ) يا عام (سڄي جسم تي ٿيندڙ) ۽ نشانن جي قسم آھر ڪجي ٿي. ھڪ بولس (bullous) ۾ وڏا ڦلوڪڻا، ويزيڪيلر (vesicular) ۾ ننڍا ڦلوڪڻا ۽ پسچولر (pustular) ۾ پونءِ ڀريل ڦلوڪڻا ٿين ٿا. ميڪيولر (macular) ڊٻڙ چوگرد واري چمڙيءَ جي سطح سان ۽ ان کان رڳو رنگ يا بناوت ۾ مختلف ٿين ٿا. نوڊِيولر (nodular) ۽ پاپولر (papular) ڊٻڙن ۾ ننڍا، اڀريل اڀار ٿين ٿا. ڊٻڙ ڪيترين وچڙندڙ بيمارين جون نشانيون ٿين ٿيا (جھڙوڪ: لاکڙو) ۽ چمڙيءَ جي ڪيترين بيمارين جھڙوڪ: ملي (eczema) ۽ سورياسس (psoriasis) جون نشانيون ٿين ٿا. اھي ڪنھن اندرين طبي مسئلي جي نشاني به ٿي سگهن ٿا جھڙوڪ: اسڪروي (scurvy) يا پيليگرا (pellagra) جيڪي وٽامن جي کوٽ سبب پيدا ٿين ٿيون. ڏَڏر (urticaria) يا ڪانٽيڪٽ ڊرميٽائيٽس (contact dermatitis) الرجيءَ جي ڪنھن ردعمل سبب پيدا ٿي سگهي ٿي، دوائن جا ردعمل خاص طور تي اينٽيبياٽڪن جا پيدا ڪرڻ جا عام ڪارڻ ٿين ٿا. سڃاڻپ جو مدار ڊٻڙ جي ڏِک ۽ جسم ۾ پکيڙ، جسم جي ڪنھن به تڪليف ۽ ممڪن الرجيءَ (جھڙوڪ دوائن) تي ٿئي ٿو. ممڪن ٿي سگهي ته ڪنھن به اصل مسئلي جو علاج ڪجي ٿو. ڪنھن به خارسي ڊٻڙ جو علاج ڪنھن لوشن يا اينٽي ھسٽَمين (antihistamine) دوا سان ڪجي ٿو.


.


Other Phrases of Rash used in Daily life:

.


Rash is also used in:

Remember Me Also:

سرڄڻ

مصدر. کير،. گهه وغيره جو ڄمڻ. پيدا ٿيڻ ، ٺهڻ ، بنجڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal