
انگور جي ڏانڊي ۽ کل
زوريءَ زنا، زنا بالجبر، زوريءَ پڪڙڻ
Rape
رءَ.پ
ھٿين پوڻ، زوري زنا ڪرڻ يا ڪنھن ٻئي طريقي سان ڪنھن فرد جي فرج، گديا يا وات ۾ جبر يا بنا جبر جي ڪو جنسي عضوو، جسم جو ڪو حصو يا ڌاريو جسم مرضي يا بنا مرضيءَ جي لنگهائڻ/ جنسي لست حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻئي فرد جي مرضيءَ کانسواءِ زنا ڪرڻ، ھٿڙا گهمائڻ، تتن تاري ڪرڻ، ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ، ايذائڻ يا ھروڀرو جنسي عضون، گديا، چتڙن يا ڇاتين تي ھٿ گهمائڻ/ جڏھن ڪو به فرد مدھوش ڪيو ويو ھجي ۽ پنھنجي راءِ ڏئي سگهڻ لائق نه ھجي ته اھڙيءَ حالت ۾ ڪو به جنسي عمل زوري زنا سمجهيو وڃي ٿو. زوري زنا جي واقعن ۾ ڀيانڪ حد تائين واڌارو ٿي رھيو آھي. انھن مان ڪيترين حالتن ۾ شرم، ڏوه، پريشانيءَ يا ڊپ سبب ڪيس رپورٽ نٿا ڪيا وڃن. زوري زنا جا گهڻا ڪيس عورتن ۽ ڇوڪرين جا ٿين ٿا. جڏھن ته مردن ۽ ڇوڪرن سان به جنسي زيادتي (homosexual rape) ٿيندي رھي ٿي. زوري زنا کانپوءِ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي متاثر فرد کي ماٺو رکجي ۽ کيس محفوظ ھٿن ۾ ھجڻ جي پڪ ڏيارجي. ڪنھن رت وھندڙ زخم، ھڏي جي ڀڳ يا موجود ٻين ضربن جو علاج ڪرڻ گهرجي. متاثر فرد کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي علاج ڪرائڻ لاءِ ھمٿائجي، ڪپڙا مٽائڻ، وھنجڻ، ڊوش ڪرڻ يا پيشاب ڪرڻ نه گهرجي نه ته قانوني شھادتون جن جي بنياد تي ڏوھاري کي پڪڙي سگهجي ٿو ضايع ٿي وينديون. اصل ۾ زوري زنا، جسماني ۽ نفسياتي ھنگامي صورتحال ٿئي ٿي تنھنڪري لازمي طور تي متاثر فرد جي ھمدرديءَ ۽ پيشورانا صلاحيتن سان پيش اچجي. ان سلسلي ۾ اميريڪن ڪاليج آف آبسٽيٽريشن اينڊ گائنوڪالاجسٽ متاثر فرد جي ٻن طريقن سان جسماني پرگهور لهڻ جي صلاح ڏني آھي 1. متاثر فرد جو بيماريءَ، حمل ۽ نفسياتي صدمي کان بچاءُ ڪرڻ ۽ 2. اھي سڀ قانوني شاھديون گڏ ڪرڻ جيڪي اڳتي ھلي ڪورٽ ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون.
Related words with: Rape
ماپارو
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal