SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ranibizumab

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ranibizumab
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ranibizumab

ري.ني.بيزو.ماب

ويٽ ئيج ـ رليٽيڊ مئڪيولر ڊيجنريشن (wet age-related macular degeneration) جي علاج جي دوا، ھن تڪليف ۾ ميڪيولا (macula، تنتي پردي جو حصو) ۾ نيون رت نليون پيدا ٿي ديد جو خلل پيدا ڪن ٿيون. رينيبيزوماب ھڪ اينٽي ويسڪيولراينڊوٿيليئل گروٿ فيڪٽر (anti-VEGF/anti-vascular endothelial growth factor) ٿئي ٿي جيڪا انھن نين رت نلين جي واڌ روڪي پنھنجو اثر ڏيکاري ٿي جنھن سان ديد وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي وڃي ٿي. ڪن ڪيسن ۾ اھا دوا ڪن بگاڙن کي به بحال ڪري ڇڏي ٿي. ڊائبيٽڪ ميڪيولر ايڊيما (diabetic macular oedema) جي علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي جنھن ۾ اک جون رت نليون سمڻ لڳڻ ٿيون. رينيبيزوماب انجيڪشن رستي دوڏي ۾ ھڻجي ٿي. ان جي پيدا ٿيندڙ ممڪن اُگرن اثرن ۾ شامل ٿين ٿا: اوڪارا، مٿي جو سور، کنگهه، سنڌن جو سور، ديد ۾ گڙٻڙ، سوزش ۽ اک جي خارس ۽ اک مان رت وھڻ. جن فردن کي اکين اندر ڪي مسئلا ٿين ٿا جھڙوڪ: شديد سوزش تن کي استعمال ڪرڻ نه گهرجي.


Remember Me Also:

سودپود

ظرف. هُوبَهُو ، اصل اهڙو ، ساڳيو ، هڪ جهڙو ، نِسُ پِسُ ، همشڪل.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal