SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Radiotherapy

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • reidiəuθerəpiː

From the Dictionary of Official Terms:

Radiotherapy

ڪرڻن ذريعي علاج- ريڊيائي علاج


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Radiotherapy

ري.ڊيو.ٿرا.پي

ڪينسر (cancer) جي علاج ۽ ورلي ڪن اَڪينسري ڳوڙھين جو ايڪسريز (X-rays) يا ٻين شعاعن سان علاج. شعاعدار ذريعا آئيونائزندڙ (ionizing) شعاع پيدا ڪن ٿا جيڪي غيررواجي سيلن کي تباه يا واڌ کي سست ڪري ڇڏين ٿا. عام رواجي سيلن کي ٿورڙي يا ڊگهي مدي لاءِ ھاڃو نٿو رسي پر مختصر عرصي لاءِ ان جو پيدا ٿيندڙ اثر اگرو ٿئي ٿو. ريڊيوٿراپي رستي مختلف قسمن جي ڪينسرين جا غيررواجي سيل جھڙوڪ: اسڪوئيمس سيل ڪارسينوما (squamous cell carcinoma)، ھاجڪنس ڊزيز (Hodgkin’s disease)، ڇاتيءَ جي ڪينسر (breast cancer)، پراسٽيٽ ڪينسر (prostate cancer)، ڳھڻ جي ڪينسر (ڏسو، cervix, cancer of) ۽ گلي جي ڪينسر (ڏسو، larynx, cancer of) ناس ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪينسر جي اٿلي پوڻ کي روڪي سگهجي ٿو. ريڊيوٿراپيءَ سان گڏ ڪينسر جي علاج جا ٻيا طريقا به استعمال ڪري سگهجن ٿا. آپريشن رستي ڪنھن ڪينسري ڳوڙھي کي خارج ڪرڻ کانپوءِ عام طور تي ريڊيوٿراپيءَ رستي رھجي ويل ڪينسري سيل تباه ڪجن ٿا. ريڊيوٿراپيءَ رستي ڪينسر جي اھڙين تڪليفن کي به ختم ڪري سگهجي ٿو جيڪي ايتريون وڌي وڃن ٿيون جو ختم ٿي نٿيون سگهن. عام طور تي سڄي جسم کي اسٽيم سيل (stem cell) يا بون مئرو ٽرانسپلانٽ (bone marrow transplant) کان اڳ شعاع ڏجن ٿا. جيڪڏھن خطرن کان فائدا وڌيڪ اھم ھجن ته ريڊيوٿراپي استعمال ڪندي اَڪينسري بيمارين جھڙوڪ: ٿائروائڊ غدود جي ڪنھن بيحد چست حصي کي ريڊيوايڪٽو آيوڊين جي استعمال سان ناس ڪري سگهجي ٿو (ڏسو، thyrotoxicosis). عام طور تي ريڊيوٿراپي آئوٽ پيشنٽ (outpatient) جي بنياد تي ڏجي ٿي. ايڪسريز (ورلي اليڪٽران) پيدا ڪندڙ مشين کي لينير ايڪسيليٽر سڏجي ڪينسري ڳوڙھيءَ کي گهڻ طرفن کان نشاني ۾ رکي ٿي. جنھن سان شعاع جو ايترو وڏو وزن پيدا ٿئي ٿو جو ڳوڙھي ناس ٿي وڃي ٿي نه ته شعاع جي نعم البدل طور ننڍڙيون گولين جي صورت ۾ ھڪ ڍانڍيءَ سئي رستي ڳوڙھيءَ ۾ داخل ڪجن ٿيون (ڏسو، interstitial radiotherapy) يا جسم جي خال ۾ (ڏسو، intracavitary therapy). ٿائروٽوڪسيڪوسس (thyrotoxicosis) جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ ريڊيوايڪٽو آيوڊين پاڻيٺ جي صورت ۾ ۽ تيلي رستي پيتي وڃي ٿي. ان جا اڻ وڻندڙ اگرا اثر پيدا ٿين ٿا جن ۾ شامل ٿين ٿا ساڻائي، اوڪارا، الٽي ۽ شعاع لڳل حصن تان وار ڇڻي وڃڻ. ورلي، چمڙي ڳاڙھي ۽ ڦلوڪجڻي پوي ٿي.


Related words with: Radiotherapy


.


Other Phrases of Radiotherapy used in Daily life:

Remember Me Also:

ڪوچگرد

ذ. ف. واٽ جي مٽي ، رستي جي دزَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal