SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Radionuclide scanning

(click word to listen sound
  • 🔊
  • radionuclide
  • skæniŋ
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Radionuclide scanning

ريڊيونيوڪلائيڊ ـ اسڪيننگ

تشخيص ڪرڻ جو ھڪ اھڙو طريقو جنھن جو بنياد شعاع لهڻ تي ٿئي ٿو جيڪي جسم ۾ شعادار مادا متعارف ڪرائڻ کانپوءِ خارج ٿين ٿا. اھي مادا، جن مخصوص عضون جو اڀياس ڪجي ٿو تن جا مختلف ٽشو، مختلف درجن ۾ جذب ڪن ٿا. مثال طور؛ آيوڊين خاص طور تي ٿائروائڊ غدود جذب ڪري ٿو تنھنڪري آيوڊين جي ڪنھن سيمپل کي ريڊيوايڪٽو مارڪر (ريڊيونيوڪلائيڊ، radionuclide) سان ٽيگ ڪرڻ سان آيوڊين جي جذبجڻ کي مانيٽر ڪري ٿائروائڊ غدود جي ڪم جي پرتال ڪري سگهجي ٿي. ريڊيونيوڪلائيڊ ڳھي يا رت رستي ھڻي سگهجي ٿو جيڪو پوءِ گهربل عضوي ۾ گڏ ٿي گاما شعاع خارج ڪري ٿو جنھن کي گاما ڪيميرا لهي ان جو عڪس ڪڍي ٿي. عڪس جا ڪمپيوٽر جي گاما ڪيميرا رستي، جيڪا مريض جي چوگرد ڦرندي رھي ٿي ڪراس سيڪشن (ڳتريون slices) به ڪڍي سگهجن ٿا. ھن قسم جي مخصوص ريڊيونيوڪلائيڊ اسڪيننگ کي اسپيڪٽ (single photon emission computed tomography/SPECT) سڏجي ٿو. ڪمپيوٽر رستي سلسليوار عڪس رڪارڊ ڪري ان جا موونگ عڪس به ڪڍي سگهجن ٿا. ٻين عڪسي طريقن جي ڀيٽ ۾ ريڊيونيوڪلائيڊ اسڪيننگ ڪي روڳ اوائلي حالت ۾ به لهي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته عام طور تي ڪنھن به عضوي جي ڪم ۾ تبديليون، ان جي بناوت متاثر ٿيڻ کان اڳ اچن ٿيون. ھن طريقي سان اھي نقص به لهي سگهجن ٿا جيڪي رڳو عضون جي ڪمن کي متاثر ڪن ٿا. موونگ عڪس رت جي گردش، دل جي ڀتين جي چرپر، بڪين مان پيشاب وھڻ ۽ پِت جو جيري مان وھڻ جي به معلومات ڏئي سگهن ٿا. ريڊيونيوڪلائيڊ اسڪيننگ سلامتيءَ وارو طريقو ٿئي ٿو جنھن لاءِ شعاع جو رڳو خفيف مقدار گهربل ٿئي ٿو جيڪو ڪلاڪن اندر جسم مان خارج ٿي وڃي ٿو. ريڊيونيوڪلائيڊن مان زھرجڻ يا ھائپرسينسيٽوٽيءَ جو بلڪل به خطرو نٿو ٿئي.


Remember Me Also:

بڦر

ذ. [انگ.] buffer ڌَڪُ ، جهَلو. ريل گاڏيءَ جي ڦيٿن کي ٽڪرجڻ کان روڪڻ جي ڪَلَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal