SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Radiation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • reidieiʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Radiation

ترورن جي روشني


From the Dictionary of Geography:

Radiation

شعاع- تيک-تابڪاري


From the Dictionary of Haematology:

Radiation

ريڊيئيشن

چمڪ، شعاع ڪڍڻ،شعاع، تجلو، ترورو، ڪرڻو


From the Dictionary of Official Terms:

Radiation

تابڪاري- شعاع وجهڻ- شعاع پزيري


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Radiation

ري.ڊي.ئيشن

ناپائدار ايٽمن مان توانائي خارج ٿيڻ (جھڙوڪ: برقي مقناطيسي لهرون) يا مادي مان (جھڙوڪ: پارٽيڪل) جيڪي انھن کي وڌيڪ پائدار حالت ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا.ڪن قسمن جا شعاع زندگيءَ لاءِ ھاڃيڪار ٿين ٿا ته، ڪي ضروري ٿين ٿا (جھڙوڪ: سج جي روشني ۽ گرميءَ جي توانائي). جڏھن ته ھاڃيڪار شعاع به ڪارائتن مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا جھڙوڪ: علاج طور ريڊيوٿراپيءَ (radiotherapy) ۾، شعاعن جي زندگي تباه ڪندڙ اثرن کي ڪينسري سيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. چئن اھم قسمن جي ھاڃيڪار شعاعن ۾ شامل ٿين ٿا: گاما ريڊيئيشن (gamma radiation)، ايڪسريز (X-rays)، الفا پارٽيڪل (alpha particles) ۽ بيٽا پارٽيڪل (beta particles). گاما ريڊيئيشن ۽ ايڪسريز برقناطيسي لهرن جا قسم ٿين ٿا ۽ روشنيءَ جي توانائيءَ جي قسمن جھڙا ٿين ٿا. چئني قسمن جا سڀ آئنجڻ (ionization) سبب نقصان پھچائين ٿا، انھن جون لهرون يا پارٽيڪل جنھن مادي مان گذرن ٿا انھن جي ايٽمن مان اليڪٽران خارج ڪري انتھائي ردعمل ڪندڙ آئنن (ions) ۾ مٽائي ڇڏين ٿا. جاندار ٽشوئن جي حالت ۾ پيدا ٿيندڙ آئن حياتياتي تباھي پيدا ڪن ٿا. شعاعدار مادا جنھن به قسم جا شعاع خارج ڪن ٿا اھي صحت لاءِ خطرناڪ ٿين ٿا. جڏھن ته الفا پارٽيڪل چمڙيءَ ۾ گهڙي نٿا سگهن تنھنڪري الفا پارٽيڪلن جا ذريعا رڳو تڏھن خطرناڪ ٿين ٿا جڏھن ڳھي يا ساه رستي کڻجن ٿا. گاما ريڊيئيشن ڪيترن مادن رستي پري پري تائين پھچي سگهن ٿا نه رڳو ايترو پر پري وارا گاما ريڊيئيشن جا ذريعا به انساني صحت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. آئنجندڙ شعاعن جا ڪيترا ذريعا قدرتي ٿين ٿا جن ۾ خلائي شعاع ۽ شعاعدار معدنيات به شامل ٿئي ٿي. ڪن علائقن ۾ مٽيءَ، پھڻن يا عمارتي سامان ۾ موجود ريڊان (radon) گئس ھڪ مکيو ذريعو ٿئي ٿي. انھن جي مصنوعي ذريعن ۾ شامل ٿين ٿا ايڪسري مشينون، ريڊيوايڪٽو آئسوٽوپ جيڪي تشخيصڻ ۽ علاج لاءِ استعمال ٿين ٿا (ڏسو، radionuclide scanning) ۽ ايٽمي ريئيڪٽر. گهٽ توانائيءَ جي قسمن جا شعاع جھڙوڪ: الٽراويوليٽ روشني (ultraviolet light) به آئنجڻ بجاءِ ٻين طريقن/مڪينيزم سان حياتياتي ڇيھو پيدا ڪري سگهي ٿي. سج جا الٽراوايوليٽ شعاع جسم ۾ اونھائيءَ تائين گهڙي نٿا سگهن پر سيلن جي جينياتي مادي کي تباه ڪري چمڙيءَ جي ڪينسر پيدا ڪري سگهن ٿا. ٻين قسمن جا غيرآئنجندڙ شعاع جن ۾ ماڻھو وائکا ٿين ٿا الٽراسائونڊ (ultrasound) ٿين ٿا جيڪي طب ۾ تشخيصڻ ۽ علاج لاءِ استعمال ٿين ٿا ۽ ريڊيو ويوز (radio waves) جيڪي ايم آر آءِ دوران پيدا ٿين ٿا. نٿو سمجهيو وڃي ٿو ته انھن طريقن جا ڪي اگرا اثر ٿين ٿا (وڌيڪ ڏسو، radiation hazards; radiation sickness; radiation units).


Related words with: Radiation


.


Other Phrases of Radiation used in Daily life:

.


Radiation is also used in:

Remember Me Also:

مستحق

مُستَحِقُ

صفت. (ع. حَقُ). حق رکندڙ، حقدار، دعويدار. واسطيدار، لاڳاپيدار. مالڪ. لائق، قابل، جوڳو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal